اوٻاوڙي  ۾ شگر مل کي بند ڪرڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو: 100 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس داخل

اوٻاوڙي  ۾ شگر مل کي بند ڪرڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو: 100 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس داخل

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ ٻه ڏينهن اڳ الائنس شگرمل کي پوليس پاران بلا جواز بند ڪرائڻ تي الائنس شگر مل جي آس پاس پنجاپ توڙي سنڌ جي  آباد گارن پاران احتجاج ڪري شگرمل سامهون نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هڻي هنيو ويو، آبادگارن پاران حڪومت کان الائنس شگرمل کي فوري طور کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي جا ٻئي پاسا بند ڪيا ويا، ڌرڻي سبب ٽريفڪ بند ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مسافر پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، جتي احتجاج جي اڳواڻي آبادگارن جو اڳواڻ  ڄام ڇلو خان انڊڙ ،ڄام نادر اسماعيل ، مجيد سميجو، حاتن خان شر اعجاز سميجو ۽ ٻين پاران ڪئي وئي، جتي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الائنس شگرمل جي ڪرشنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اسين ڪمند جي ڪٽائي شرو ڪري ڇڏي هئي، جيڪا اسين ڪمند الائنس شگرمل موڪليون پيا، ته اچانڪ گذريل ٻه ڏينهن اڳ رات جو پوليس شگرمل جي گيٽن اڳيان اچي ڪري شگرمل جا گيٽ بند ڪري ڪمند جون ٽراليون واپس موڪلي ڇڏيون، جيڪا اسان جو ڪمند سڪي رهيو آهي، شگرمل جو قصور شايد اهو آهي ته 420 سرڪاري ريٽ هجڻ ڪري شگرمل آبادگارن کي 30 روپيا ايل پي جي جي  مد ۾ رقم وڌائي 450 روپيا ڏئي رهي هئي، شايد حڪومت کان اها شيۡ برداشت نٿي ٿئي پئي اسين آبادگارن اڳئي فصل جو ريٽ نه هجڻ ڪري نقصانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون وري ٻيهر اسان سان ناجائزي ڪئي پئي وڃين جيتري تائين الائنس شگرمل کي کولڻ نه ڏنو ويندو اوتري تائين احتجاج جاري رهندو هوڏانهن جڏهن کان شگرمل بند ڪرائڻ جو اهڙو  سوال پوليس ايس ايڇ او رفيق سومرو  کان  پڇيو ته پوليس پاران جواب ڏيندي چيو ته اسان کي مٿانهن آفيسرن کان شگرمل کي بند ڪرائڻ جو حڪم مليو جيڪو اسين ان حڪم مطابق بند ڪرائي آهي وڌيڪ اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهين هوڏانهن جڏهن شگر جي انتظاميه جي ايڊمن چودري تنوير سان ڳاله ٻول ٿي ته ان جو چوڻ هو ته  اسان کي به خبر نٿي پئي ته ڇو بلا جواز شگرمل کي بند ڪرايو ويو آهي جڏهن اسان ايس ايس پي کان اهڙي پڇا ڪئي ته ايس ايس پي گهوٽڪي چئي ٿو مون کي خبر ناهين ڊي آ۽ جي کان پڇو وڃين جڏهن ڊي آ۽ جي کان پڇا ڪيون ٿا ته چئي ٿو آ۽ جي کان پڇا ڪئي وڃين اسان کي پاڻ کي به خبر نه ٿي لڳي ته ڇاجي ڪري بلا جواز بند ڪرائي وئي آهي هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ٻه ڪلاڪ کان پوءِ پوليس انتظاميه پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ته اسين مٿي آفيسرن سان ڳالهائي شگرمل کولڻ جي اجازت وٺي ڏينداسين. اهڙي خاطي تي آبادگارن پاران روڊ کولڻ جو اعلان ڪيو.  هوڏانهن روڊ  بند ڪرڻ جو اوٻاوڙو  ٿاڻي تي الائنس شگرمل جي ڪرنل مظهر ملهي، ڊاڪٽر گلزار ،شاهد پرويز ، عباس ،معظم شاه ، الياس ، اڪرام ملڪ ، موسا ڀٽو ،بلاول ڀٽو ، شاهنواز مهر ، ڇلو انڊڙ، دين محمد مزاي ، عبدالقاد دشتي ،خليل احمد راڻا راجپوت جا چار پٽ محمد خالد ،محمد صابر ،محمد شفيق ،محمد حنيف  سميت انتظاميه ۽ آبادگارن سميت  34 سڃاتل ۽ 60 کان 70 اڻسڃاتلن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ پوليس پاران ڄاڻايو ويو آهي ته نيشنل ها۽ کي بند ڪرڻ مظاهرين گاڏين جي شيشن جي ڀڃ ٽوڙ ڪئي ۽ پوليس ڊيوٽي اٽڪاءۡ جا به قلم ڪيس ۾  شامل ڪيا ويا آهن