| اوٻاوڙي ۾ موبائل چوري ۾ گرفتار نوجوان تي وحشياڻو تشدد، بيهوش، اسپتال ۾ ڦٽو |
اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ۾ موبائل چوري جي الزام ۾ گرفتار نوجوان کي بيهوش حالت ۾ اسپتال ڦٽو ڪيو ويو. ريتي واسي نديم ملڪ کي موبائل چوري جي الزام ۾ ٽي ڏينهن اڳ اوٻاوڙو پوليس کڻي گم ڪيو، جنهن بعد مبينا تشدد ڪري بيهوشي واري حالت ۾ سيول اسپتال ڦٽو ڪري ويا اهڙي اطلاع تي وارث سيول اسپتال پهچي ويا جتي نوجوان کي فاسٽ علاج ڏيڻ بعد بيهوشي واري حالت ۾ فوري طور رحيميار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وارث عمران ملڪ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ سليم چودري جي موبائل چوري جي الزام ۾ اسان جي نوجوان کي اوٻاوڙو پوليس کڻي گم ڪري ڇڏيو هو جيڪو اسان کي ملڻ به نه ڏنو ويو پوليس اسان کان 2 لک روپيه رشوت گهري وئي نه ڏيڻ تي تشدد ڪري بيهوشي واري حالت ۾ سيول اسپتال ڦٽو ڪري ويا آهن اسان انتهائي غريب مسڪين آهيون موبائل اسان جي نوجوان چوري ناهين ڪيو اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن الزام آيل اوٻاوڙو پويس ايس ايڇ او اوٻاوڙو رفيق سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ته موبائل چوري الزام ۾ موبائل ٽريسنگ ذريعي نوجوان کان مليو آهي نوجوان پوليس ڪسٽڊي ۾ ويٺل هو. اسان وارثن کي چيو ته فريادي کي ٺاهي اچو توهان پنهنجو ماڻهون وٺي وڃو. ٿاڻي تي ويٺي نوجوان جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن کي اسين کڻي علاج ڪرائڻ لا۽ اسپتال موڪلي ڇڏيو پوليس پاران ڪو به تشدد ناهين ڪيو ويو ،