| اوٻاڙي وٽان صادق آباد واسي چار ڄڻا اغوا ٿيڻ جو انڪشاف: 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب، وڊيو جاري |
اوٻاوڙو(ن پ ا) صادق آباد جا رهواسي چار ڏينهن اڳ مريد شاخ جي علائقي مان اغوا ٿي ويا آهن. اغوا ٿي ويلن کي ڌاڙيلن پاران زنجيرن ۾ جڪڙي چار ڪروڙ ڀنگ گهرڻ جي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي. اغوا ٿي ويلن ۾ عبدالخالق، محمد رفيق سولنگي، چودري جميل ۽ عدنان شامل آهن، جن جو تعلق پنجاپ جي شهر صادق آباد سان آهي. اغوا ٿي ويل ويڊيو ۾ الله جا واسطا وجهي دانهون ڪري رهيا آهن ته چار ڪروڙ ڏئي اسان جي جان ڇڏايو سردي جي موسم آهي اسان ذليل ۽ خوار آهيون ماني به اسان کي نٿا ڏين، هوڏانهن ٻڌايو اهو پيو وڃي ته کوجي ڪتن جا مالڪ آهن، جن کي ڪال ڪري دوکي سان گهرايو ويو هو ته اسان جي چوري ٿي وئي آهي، کوجي ڪتا وٺي اچو اهڙي بهاني سان صادق آباد مان گهرائي مريد شاخ واري علائقي مان ڪار ۽ کوجي ڪتن سميت چار ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن جي اڄ ويڊيو موڪلي وئي آهي.