اوپيڪ کان عليحدگي سياسي نه پر خودمختيار اسٽريٽجڪ فيصلو هو: امارات

اوپيڪ کان عليحدگي سياسي نه پر خودمختيار اسٽريٽجڪ فيصلو هو: امارات

ابوظهبي (م ڊ) متحده عرب امارات جي توانائي واري وزير چيو آهي ته يو اي اي جو پيٽروليم برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس گروپ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ان جي پيداواري پاليسي ۽ مستقبل جي صلاحيتن جي جامع جائزي جي بنياد تي هڪ خودمختيار ۽ اسٽرٽيجڪ قدم هو. هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته اهو فيصلو ڪنهن سياسي بنياد تي نه ڪيو ويو ۽ نه ئي اهو شريڪ ملڪن سان ڪنهن قسم جي اختلافن جي نشاندهي ڪري ٿو.