| اوچتو حملو، فوجين جو گهيرو: مادورو لوهي قلعي ۾ وڃي نه سگهيو |
واشنگٽن: آمريڪي خاص فوجن ۽ ايف بي آءِ ايجنٽن ڪاراڪس ۾ صدر مادورو جي محفوظ گهر تي حملو ڪيو. هن گهر ۾ نصب ٿيل اسٽيل جا دروازا ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي ٽٽي ويا. بي بي سي موجب صدر مادورو ان دوران محفوظ ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ناڪام رهيو. اهو واضح ناهي ته آمريڪي فوجن گهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ صدر مادورو ۽ سندس زال کي ڪيئن پڪڙيو پر ٽرمپ چيو ته انهن کي ايتري تيزي سان گهيرو ڪيو ويو جو اهي اندر نه پهچي سگهيا. هڪ آمريڪي هيلي ڪاپٽر کي سخت نقصان پهتو پر اهو پنهنجي منزل تي واپس پهچي ويو.