| اوچي جبل جي پل، آبشار مان وهندڙ پاڻي: انجنيئرنگ جو شاهڪار |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ڪيترائي شاندار تعميراتي منصوبا مڪمل ڪيا آهن پر هوجيانگ پل هڪ اهڙو منصوبو آهي جيڪو انجنيئرنگ جو هڪ ناممڪن ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان اوچائي کان ڊڄو ٿا ته پوءِ توهان لاءِ هي پل پار ڪرڻ آسان ناهي ڇو ته ان کي پار ڪرڻ دوران توهان کي چڪر ايندا. پل زمين کان 625 ميٽر اوچي آهي. هن کي سيپٽمبر 2025ع ۾ عوام لاءِ کوليو ويو. ان جي حيران ڪندڙ ڳالهه رڳو اها ناهي ته هي دنيا جي سڀ کان ڊگهي پل آهي، پر ان جي انفراديت ان جو مصنوعي آبشار آهي. حقيقت ۾ چيني اختيارين ان کي صرف هڪ هاءِ وي جي طور تي نه پر هڪ حقيقي سياحتي ماڳ طور تي ٺاهيو آهي. پل جي ٽاورز اندر شيشي جا رستا، ڪيفي ۽ بنجي جمپنگ جهڙيون تفريحي سرگرميون آهن. پر سڀ کان خاص ڳالهه ان جو مصنوعي آبشار آهي. 300 ميٽر ڊگهو آبشار پڻ ليزر سسٽم سان ليس آهي ته جيئن اهو رات جو ماڻهن کي حيران ڪري سگهي. مقامي حڪومت موجب هر روز هزارين سياح ان کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. ٽائم ميگزين ان کي 2026 ۾ گهمڻ لاءِ بهترين جڳهن ۾ نمبر ون قرار ڏنو هو. اسٽيل پل 9,482 فوٽ ڊگهي آهي ۽ ان جي تعمير جنوري 2022 ۾ شروع ٿي ۽ سيپٽمبر 2025 تائين عوام لاءِ کولي وئي. پل ۾ 20,000 ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو جيڪو 3 ايفل ٽاورز جي برابر آهي.