او آءِ سي طرفان اسرائيلي جارحيت جي احتساب جو مطالبو
جُون 23, 2025
استنبول (پنهنجي ڊيسڪ ) او آءِ سي جو اسرائيلي جارحيت تي سخت رد عمل، عالمي سطح تي احتساب جو مطالبو
او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي. هي اجلاس ترڪي جي شهر استنبول ۾ منعقد ٿيو ۽ مسلم ملڪن جي چئلينجز ۽ بين الاقوامي مسئلن تي بحث ڪيو ويو.
بيان ۾ ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڪاررواين لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي ۽ گڏيل قومن سميت بين الاقوامي تنظيمن کي فوري طور تي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پڌرنامي ۾ واضح ڪيو ويو ته غزه جو گهيرو فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ فلسطيني عوام خلاف جاري اسرائيلي ظلم بند ڪيا وڃن.
او آءِ سي ٻن رياستي حل کي فلسطين جي مسئلي جو پائيدار حل قرار ڏنو ۽ چيو ته ان مقصد لاءِ هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جي ميزباني جلد سعودي عرب ۽ فرانس پاران ڪرڻ جي اميد آهي.
بيان ۾ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، خاص طور تي ڪشمير ۽ پاڪستان ۾ هندستان جي هڪ طرفي فوجي ڪاررواين جي مذمت ڪئي وئي. او آءِ سي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جنگ بندي برقرار رکڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي.