| ايئرپورٽن تي اليڪٽرڪ ڪارٽ سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو ملڪي ايئرپورٽن تي اليڪٽرڪ ڪارٽ سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو. پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ايئرپورٽ تي اليڪٽرڪ ڪارٽ سروس متعارف ڪرائي ويندي. اليڪٽرڪ پيسنجر موبيلٽي ڪارٽ سروس لاءِ ٽينڊر طلب ڪيا ويا آهن. پارڪنگ کان ڪنڪورس هال تائين وڃڻ لاءِ مسافرن کي اليڪٽرڪ ڪارٽ جي سهولت دستياب هوندي. ٽرمينل بلڊنگ کان پارڪنگ تائين واپسي تي به مسافر اليڪٽرڪ ڪارٽ مان فائدو وٺندا. ڊائريڪٽر ڪمرشل پي اي اي رابعہ سلمه چيو آهي ته اليڪٽرڪ ڪارٽ کي ايپ ذريعي مسافر بڪ ڪرائي سگهندا، هن قدم سان سڀني مسافرن، خاص طور بزرگن کي آساني ٿيندي.