ايئرپورٽن تي عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو

ايئرپورٽن تي عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ دفاع ۽ گهرو وزارتن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طلال چوڌري، محمد خرم آغا، محمد علي، نور ولي خان، قيصر سليمان، عبدالمعيد ۽ ڊاڪٽر عثمان انور سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ ايئرپورٽن تي عوام جي سهولت لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي يقيني بڻائي ويندي۔ جديد مشينري جي تنصيب، گڏيل ڪائونٽرن جو قيام، هڪ هنڌ چيڪنگ ۽ اي گيٽس جي انسٽاليشن تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. مسافرن کي تيز ۽ آسان سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته گڏيل چيڪنگ سسٽم سان وقت جي بچت ۽ رش ۾ گهٽتائي ممڪن ٿيندي۔