| ايئر پورٽ آپگهاتي حملي جي ٻن سهولتڪارن تي فرد جرم لاڳو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدلت ايئرپورٽ وٽ خودڪش حملي ۾ سهولتڪاري ڪندڙ جوابدار سعيد ۽ بلال تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي, ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ جوابدار ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو, عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي شاهدن کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو, ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي, پراسيڪيوشن چيو ته جوابدارن تي ايئرپورٽ بم ڌماڪي ڪيس ۾ دهشتگردن جي مالي معاونت جو الزام آهي, عدالت ڪيس جي مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو حڪم ڏئي چڪي آهي, ڪيس ۾ ڪالعدم بي ايل اي سان تعلق رکندڙ بشير زيب ۽ گل رحمان کي مفرور ڏنو ويو آهي, جوابدارن خود ڪش حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي جي خريداري ۾ سهولتڪاري جو الزام آهي, جوابدار سعيد گرفتار جڏهن ته بلال ضمانت تي آهي