ايئر ڊفينس سسٽم، ايس 400: ڀارتي فوج لاءِ 25 ارب ڊالر منظور

ايئر ڊفينس سسٽم، ايس 400: ڀارتي فوج لاءِ 25 ارب ڊالر منظور

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي دفاعي خريداري ڪائونسل اٽڪل 25 ارب ڊالر ماليت جي دفاعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جن منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي انهن ۾ وچولي درجي جا ٽرانسپورٽ جهاز، روسي ايئر ڊفينس سسٽم S-400 ۽ پائلٽ کانسواءِ حملا ڪندڙ جهاز شامل آهن. ڀارتي فوج لاءِ ايئر ڊفينس ٽريڪڊ سسٽم، آرمر پئرسنگ ٽينڪ ايمونيشن، هاءِ ڪيپيسٽي ريڊيو رلي سسٽم، ڌنوش گن سسٽم ۽ رن وي انڊيپينڊنٽ ايئريل سرويليئنس سسٽم خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. رپورٽ موجب ڀارتي ايئر فورس لاءِ وچولي درجي جي ٽرانسپورٽ جهازن، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ S-400 زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل سسٽم، پائلٽ کانسواءِ حملا ڪندڙ جهازن جي خريداري ۽ Su-30 جهازن جي انجڻن جي اوورهالنگ پڻ منظور ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ڀارتي ڪوسٽ گارڊ لاءِ هيوي ڊيوٽي ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين جي خريداري جي به منظوري ڏني وئي آهي.