| اياز صادق پاران اپوزيشن کي هڪ ڀيرو وري ڳالهين جي آڇ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق سان پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات ۾ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس، سينيٽر فيصل جاويد، اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر، ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر بيرسٽر گوهر علي خان، اقبال آفريدي، عاطف خان، ڊاڪٽر امجد علي خان، سردار لطيف کوسو ۽ محمد جمال احسن خان شرڪت ڪئي۔ اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق اپوزيشن جي وفد کي پنهنجي چيـمبر ۾ آجيان ڪندي چيو ته اسان جي سياست کان وڌيڪ هڪ ٻئي سان ڀائيواري ۽ رواداري جو رشتو اهم آهي، قومي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن۔ بيرسٽر گوهر باني پاڪستان تحريڪ انصاف سان انهن جي خاندان جي ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو معاملو به اسپيڪر جي سامهون رکيو۔ اپوزيشن جي وفد اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ واري ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو۔