اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس جي عدالتي فيصلي تي عمل ڇو نه ٿيو؟ سڀ ايڏا ڊنل ڇو آهن؟ ڇا ڪو ”ڪنڊڪٽر“ هو جيڪو سڀ ڪجهه ڪرائي رهيو هو؟
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، قاضي فائز عيسيٰ ريماترڪس ڏنا ته اسان ته ويٺا هئاسين ته شايد فيصلي ۾ غلطي ٿي وئي آهي، هاڻي سڀ چون ٿا ته درخواستون واپس وٺڻيون آهن
ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي آءِ بي، پيمرا، وفاقي سرڪار، پي ٽي آءِ ۽ ٻين ڌرين به نظر ثاني جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون، چيف جسٽس اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته توهان درخواست واپس وٺڻ ڇو ٿا چاهيو؟ پهرين چيو ويو ته فيصلي ۾ غلطيون آهن، درخواست واپس وٺڻ جا سبب ته ٻڌايو، اٽارني جنرل چيو ته نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ وقت ٻي حڪومت هئي
پيمرا طرفان پيش ٿيل وڪيل حافظ احسان چيو ته مان به پنهنجي نظرثاني اپيل واپس وٺي رهيو آهيان، چيف جسٽس پڇيو ته ڪنهن جي هدايت تي واپس پيا وٺو؟ يو ٽيوب چينلز تي تبصرا ڪيا پيا وڃن
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر به درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان کي درخواست واپس وٺڻ جو اختيار آهي؟ توهان ڌر بڻجڻ چاهيو ته عدالت توهان کي اجازت ڏيندي، بئرسٽر علي ظفر چيو ته اسان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ نه ٿا چاهيون
چيف جسٽس چيو ته پهرين چيو ويو ته فيصلو غلطين سان ڀريو پيو آهي، ڇا هاڻي فيصلي مان غلطيون ختم ٿي ويون؟ درخواست گذار اعجاز الحق جي وڪيل به درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته آءِ ايس آءِ جي رپورٽ درست نه هئي، ڪو حلفي بيان ڏيو ته توهان درست آهيو
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا سمورن ادارن طئي ڪيو آهي ته جيڪو فيصلي ۾ لکيو ويو اهو ٺيڪ آهي، اسان هي درخواستون التوا ۾ رکون ٿا، ڪنهن کي ڪجهه چوڻو آهي ته لکت ۾ چوي
چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي خلاف نظرثاني تي اليڪشن ڪميشن جو معافي نامو ڪٿي آهي؟ رڳو اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته اسان درخواست واپس وٺي رهيا آهيون، يا ته توهان اهو چئو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ معاهدي تي صحيح ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيو
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل قمر افضل چيو ته اليڪشن ڪميشن نظرثاني اپيل واپس وٺي رهي آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ان وقت ٺيڪ هئي يا هاڻي ٺيڪ آهي؟ ڇا ڪو ڪنڊڪٽر هو جيڪو اهو سڀ ڪرائي رهيو هو؟ اليڪشن ڪميشن تڏهن ڪنهن جي چوڻ تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي هئي؟
قاضي فائز ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرڪيسٽرا ۾ سڀ ميوزڪ وڄائيندا آهن، سامهون هڪ ڄڻو ڏنڊو کڻي ڪمانڊ ڏئي رهيو هوندو آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن تڏهن ڪنٽرول ٿي رهي هئي يا هاڻي ڪنٽرول ٿي رهي آهي؟ ڏوهه جو اعتراف ته ڪيو، اها ڳالهه مڃو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن هڪ اڪيلي شخص جي حوالي ڪئي وئي هئي، اڄ اليڪشن ڪميشن آزاد ٿي وئي آهي، همت آهي ته چئو ان وقت ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو هو، ٻڌايو ته آخر 2017 ۾ ڇا معاملو هو؟ ڏسڻو پوندو ته هي ڪيس لائيو نشر ٿي سگهي ٿو يا نه
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذارن کي 27 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو