| ايراني اداڪاره مندانا ڪريمي پاران ڀارت ڇڏڻ جو اعلان |
نئين دهلي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو ”بگ باس“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ ايراني اداڪاره مندانا ڪريمي 16 سالن کانپوءِ ڀارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي اخبار ”هندوستان ٽائمز“ جي رپورٽ موجب بالي مندانا 18 ورهين جي عمر ۾ ايران ڇڏي اداڪاري جي ارادي سان ڀارت آئي هئي، هن آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت کانپوءِ ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انسٽاگرام اسٽوري تي سوالن جوابن جي سيشن دوران هڪ مداح اداڪاره کان ممبئي ڇڏڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي مندانا وراڻيو ته ”مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڀارت کي ائين الوداع چونديس“.هن چيو ته ”هي يقينن ڏکيو مرحلو آهي، ڀارت ۾ 16 سال گذارڻ کانپوءِ واپسي ڪري رهي آهيان، هاڻي سڀ ڪجهه نئون هوندو، هيءَ هڪ نئين شروعات آهي“.مندانا ڪريمي اهو واضح نه ڪيو ته هوءَ ڀارت ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي؟هندوستان ٽائيمز موجب مارچ ۾ مندانا ڪريمي هڪ بيان ڏنو هو ته” 10 سال اڳ مٿس ايران ۾ پابندي مڙهي وئي هئي، تنهنڪري هوءَ ايران واپس نٿي وڃي سگهي، جڏهن ته ڀارت مان به مايوس آهي. مندانا موجب ”مون کي ڀارت ۾ بهتر سپورٽ نه ملي، ايران صورتحال ڪري سيڪيورٽي سببن ڪري هڪ هنڌ ڦاسي وئي آهيان. منهنجن ويجهن دوستن مان ڪنهن وٽ به منهنجو پتو ناهي، مندانا ڪريمي وڌيڪ چيو ته ”مون گذريل 6 سالن کان فلمن ۾ اداڪاري ناهي ڪئي، منهنجو فيصلو هو ته آئون فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيان