| ايراني انٽيليجنس وزير شهيد، وڏي گئس فيلڊ تباهه، اسرائيل ۾ 200 ماڻهو مارڻ جي دعويٰ، عربن جي توانائي مرڪزن تي حملن جو اعلان |
تهران (م ڊ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏيڻ جو اعلان ڪندي سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر ۾ موجود تيل ۽ گيس ٿاڪن جي ويجهو رهندڙ شهرين، ملازمن ۽ ٻين ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران اعلان ڪيو آهي ته سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ ريفائنري تي حملي جو فوري جواب ڏنو ويندو. ايراني فوج جي گڏيل هيڊڪوارٽر خاتم الانبياءَ طرفان چيو ويو آهي ته اڳ ئي خبردار ڪيو ويو هو ته توانائي جي انفراسٽرڪچر تي حملي جو سخت ردعمل ڏنو ويندو ۽ جنهن ملڪ مان حملو ڪيو ويندو، ان جي توانائي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويندو. پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل خبر ايجنسي پنهنجي ٽيليگرام چينل ذريعي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي سامرف ريفائنري، الجبيل پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس، گڏيل عرب امارتن جي الحسن گيس فيلڊ، قطر جي مسيعيد پيٽروڪيميڪل ڪمپليڪس ۽ هولڊنگ ڪمپني ۽ راس لفان ريفائنري جي ڀرپاسي رهندڙ شهري ۽ ملازم فوري طور علائقو خالي ڪن. پاسدارانِ انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ڄاڻايل سمورا مرڪز هاڻي جائز هدف بڻجي ويا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر انهن کي نشانو بڻايو ويندو، تنهنڪري شهري، علائقي واسي ۽ ملازم فوري طور انهن علائقن مان نڪري وڃن.
تهران/تل ابيب/واشنگٽن/بيروت (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي جنگ کي 19 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، اسرائيل ايران جي انٽيليجنس واري وزير کي به شهيد ڪري ڇڏيو. تهران سميت مختلف شهر ڌماڪن سان گونجندا رهيا، پاسدارانِ انقلاب جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران طرفان اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا پاسداران انقلاب 600 آمريڪي فوجين کي مارڻ ۽ 200 کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي تهران ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ نيوي جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. آمريڪا جو جديد بحري ٻيڙو باهه لڳڻ بعد جنگ جي ميدان مان واپس هليو ويو. اسرائيل لبنان ۾ به حملا جاري رکيا. مليل اطلاعن موجب آمريڪا ۽ ايران جي جنگ جي 19هين ڏينهن به حملا ڪيا ويا. اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪٽز دعويٰ ڪئي آهي ته رات جو ڪيل حملي ۾ ايران جو انٽيليجنس وزير اسماعيل خطيب ۽ وزارت جا اعليٰ عھديدار مارجي ويا آھن. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ھن چيو ته خطيب سان گڏ ايران ۾ ڊزنين سينئر ڪمانڊر مارجي ويا آهن جيڪو قتل وارن واقعن جو تسلسل آھي. ھن چيو تھ اسرائيلي فوج کي اجازت وٺڻ کانسواءِ ايراني قيادت کي نشانو بڻائڻ جي اجازت ڏني وئي آھي. اسماعيل خطيب نئين روحاني اڳواڻ مجتبيٰ خامنھ اي جي ويجھو ھو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسرائيلي حملي ۾ ايران جي انٽيليجنس وزيرن اسماعيل خطيب جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ اسرائيلي فوج گذريل رات ڪيل ڪارروائي ۾ ايراني وزير کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو. ايران جي سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته آف شور سائوٿ پارس فيلڊ سان لاڳاپيل قدرتي گئس جي سهولتن تي حملو ڪيو ويو آهي. آمريڪي-اسرائيلي حملي ۾ ايران جي لورستان صوبي جي شهر ڊورود جي گنجان آبادي واري رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 56 زخمي ٿيا آهن. ايران جي عدليه چيو آهي ته ڏکڻ ايران ۾ فارص صوبي جي علائقي لارستان ۾ عدالت تي “حملو” ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عام شهري ۽ عدالتي عملي جا ڪيترائي ماڻھو شھيد ۽ زخمي ٿيا. ايران ۾ تهران ۾ علي لاريجاني ۽ ميجر جنرل غلام رضا سميت ٻين شهيدن جي جنازي نماد ادا ڪئي وئي ايران جي راڄڌاني تهران ۾سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري شهيد علي لاريجاني، بسيج جي ڪمانڊر ميجر جنرل غلام رضا سليماني ۽ سامونڊي فوج جي درجنين اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. پاسدارانِ انقلاب جي ماتحت خابرو اداري تسنيم موجب، شهيدن جي جنازي نماز ۾ ايراني عوام وڏي انگ شرڪت ڪئي. اسرائيل تي ايران جي حملي ۾ عمارتون تباھھ ٿي ويون ۽ زوردار ڌماڪن سبب شھرين ۾ خوف پکڙجي ويو. ايران مرڪزي اسرائيل تي حملو ڪيو، ڪيترن ئي وار هيڊ وارن ميزائلن جو استعمال ڪيو ويو تل ابيب جي ويجهو اسرائيل جي رمات گان علائقي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا. هڪ ميزائل کي روڪيو ويو آهي، ۽ ٻيو هڪ مرڪزي اسرائيل ۾ ڪري پيو. قطر، ڪويت، يو اي اي ۽ سعودي عرب رپورٽ ڪئي آهي ته انهن ايران کان فائر ڪيل ميزائل ۽ ڊرون کي روڪيو آهي. پاسدارانِ انقلاب طرفان ايراني سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني جي شهادت کانپوءِ ايران اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي سخت حملا ڪيا ويا آهن. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب علي لاريجاني جي شهادت جي جواب ۾ تل ابيب کي ڪلسٽر وار هيڊ کڻندڙ ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو، ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا. ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته تازن حملن ۾ ميزائل 100 کان وڌيڪ هدفن تي لڳا ۽ حملن ۾ 200 اسرائيلي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني حملن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪجهه زخمي ٿيا آهن. ايران طرفان اسرائيلي ۽ آمريڪي هدفن تي نون ميزائلن سان حملن ۾ ۽ 600 آمريڪي فوجين جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران اسرائيل تي حملن ۾ اڳ ڪڏهن به استعمال نه ڪيل هٿيار استعمال ڪيا آهن. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي تازن حملن ۾ تل ابيب جي 8 علائقن ۾ تباهي پکڙجي وئي، ڪيترن علائقن جي بجلي بند ٿي وئي جڏهن ته 4000 آبادڪارن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. حملن کانپوءِ ٽرين سروس اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪئي وئي جڏهن ته بن گوريون ايئرپورٽ تي ريفيولنگ جهازن کي به نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي ايراني فوج جو چوڻ آهي ته جنگ کانپوءِ علائقي ۾ آمريڪا کانسواءِ نئون توازن قائم ٿيندو ۽ جنگ جي شروعات کان وٺي هينئر تائين 600 آمريڪي فوجي ماريا ويا آهن. يو اي اي جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران کان ايندڙ 13 بيلسٽڪ ميزائلن ۽ 27 ڊرونز کي تباھھ ڪيو ويو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته حملن جي شروعات کان وٺي، 327 بيلسٽڪ ميزائلن، 15 ڪروز ميزائلن ۽ 1,699 ڊرونز ھدف بڻايو ويو. بحرين جي ڊفينس فورس جو چوڻ آهي ته تهران کان حملا شروع ٿيڻ کان وٺي ان جي هوائي دفاعي نظام 130 ايراني ميزائلن ۽ 234 ڊرون کي روڪيو ۽ تباهه ڪيو آهي. آمريڪي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي جهاز بردار بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ فورڊ ايران جنگ ڇڏي واپس بندرگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ان کان اڳ خبرون آيون هيون ته ان جهاز ۾ باهه لڳي وئي هئي. آمريڪي اخبار موجب جهاز جي مرڪزي لانڊري ايريا ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو، ٻه آمريڪي فوجي معمولي زخمي ٿيا، انجڻ محفوظ رهي جڏهن ته 600 کان وڌيڪ فوجي متاثر ٿيا. اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري رهيا. بيروت جي بشورا ۾ هڪ عمارت تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا. بيروت جي مرڪزي علائقي تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ 41 زخمي ٿيا. حزب الله سان لاڳاپيل المنار ٽي وي چيو آهي ته ان جي سياسي پروگرامن جو ڊائريڪٽر محمد شري سندس زال سان گڏ مرڪزي بيروت تي اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿي ويو.حملي ۾ سندس ٻار ۽ پوٽا زخمي ٿيا جيڪي اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آھن. نيشنل نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب ڏکڻ لبنان جي شهر دير الزهراني تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي جيڪو سخت زخمي آهي. حملو هڪ رهائشي عمارت تي ڪيو ويو. شھيدن ۾ ھڪ پيراميڊيڪل عملدار ھو. ڏکڻ لبنان جي بنت جبيل ضلعي ۾ برج قلعويه تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو آهي.