ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي سخت نقصان پهتو: آمريڪي ڳجهو ادارو
جُون 26, 2025
واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملي ۾ ايراني ايٽمي سهولتن کي سخت نقصان پهتو آهي.
سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سي آءِ اي جي معلومات ۽ نئين انٽيليجنس سسٽم تحت مليل معلومات موجب، آمريڪي حملي ۾ ايراني ايٽمي سهولتن کي سخت نقصان پهتو آهي.
سي آءِ اي ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته آمريڪي حملي ۾ ڪيتريون ئي ايراني ايٽمي سهولتون تباهه ٿي ويون آهن ۽ هاڻي انهن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ سال لڳندا.
ياد رهي ته سي آءِ اي ڊائريڪٽر جو بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي،م جڏهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪري رهيو آهي ته آمريڪي حملي ۾ ايراني ايٽمي سهولتون تباهه نه ٿيون ۽ ايران جو ايٽمي پروگرام ختم نه ٿيو آهي.
جڏهن ته صدر ٽرمپ سي اين اين ۽ ٻين آمريڪي ميڊيا ادارن جي صحافين کي ذهني طور تي بيمار ۽ ميڊيا کي ايراني ايٽمي سهولتن بابت انهن جي دعوائن لاءِ ردي قرار ڏنو آهي.