| ايراني ايٽمي پروگرام جي 20 سال معطلي تي اعتراض ناهي، معاهدو نه ڪيو ته تباهه ڪري ڇڏينداسين(ٽرمپ) وڙهڻ لاءِ تيار آهيون: تهران |
بيجنگ/واشنگٽن/تهران/دهلي(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران 20 سالن لاءِ ايٽمي پروگرام معطل ڪري ته اعتراض ناهي، پر ايران جو عزم حقيقي هجڻ گهرجي، اوباما جي ڊيل بعد ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ويجهو پهچي ويو، اسان ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو، چين جي دوري کان واپسي تي ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ چين متفق آهن ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن ۽ هرمز لنگهه کليل رهڻ گهرجي، اسان آمريڪا- ايران تڪرار جي حل لاءِ چين سان هڪ پيج تي آهيون، گهڻا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته چيني صدر هرمز لنگهه کولڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي، چين ايران کي فوجي سامان نه ڏيندو، ٽرمپ هڪ ٻيهر ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته معاهدو نه ڪرڻ تي ايران کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏينداسين، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته هو اميد ڪري ٿو ايران هي انٽرويو ڏسي رهيو هوندو آمريڪا کي خبر آهي ته ايران زير زمين مان ڪجهه ميزائل ڪڍيا آهن پر اهي سڀ هڪ ئي ڏينهن ۾ تباهه ڪري سگهجن ٿا.ٽرمپ چيو ته ايران جون تجويزون ڏٺيون آهن ۽ اهي مڪمل طور ناقابل قبول آهن. هن چيو ته 20 سالن لاءِ ايٽمي پروگرام جي معطلي سٺي تجويز آهي پر يورينيم جي افزودگي جي ليول بابت ضمانت تسلي بخش ناهي، آبنائي هرمز بابت سوال تي هن چيو ته هن چين جي صدر کان ڪنهن فيور جي درخواست نه ڪئي اسان کي ڪنهن فيور جي ضرورت ناهي. اسان ٻن ڏينهن ۾ ايران جا پاور پلانٽ تباهه ڪري سگهون ٿا ۽ ايران جو ايٽمي مواد چين يا آمريڪا منتقل ڪري سگهجي ٿو، اسان ايران سان جنگبندي پاڪستان جي چوڻ تي هڪ فيور طور ڪئي، ٽرمپ چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ايران کان تيل خريد ڪندڙ چيني ڪمپنين تان پابنديون ختم ڪندس، چين سان تائيوان جي معاملي تي ڪي به ڳالهيون نه ڪيون، اتر ڪوريا جي معاملي تي ڳالهايو، مون کي نه ٿو لڳي ته تائيوان جي معاملي تي ڪا جنگ لڳندي، اسان اڃا تائين تائيوان کي هٿيار ڏيڻ جي منظوري نه ڏني آهي پر ڏئي به سگهون ٿا. آمريڪي صدر ٽرمپ چين دورو مڪمل ڪرڻ بعد واپس روانو ٿي ويو، ٽرمپ دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ سميت اعليٰ اختيارين سان گڏجاڻيون ڪيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران اهم فيصلا ڪيا ويا. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ آمريڪا سان ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون، آمريڪي رويي سبب مشڪل مرحلي ۾ آهن، ان جو ذميوار آمريڪا آهي، دهلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آمريڪين تي اعتبار ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، ڪنهن به ڊيل کان اڳ سموريون شيون واضح ٿيڻ گهرجن، آمريڪا سان ڳالهين ۾ يورينيم افزودگي تي ڊيڊلاڪ آهي، ايران کان افزودگي يورينيم منتقل ڪرڻ تي غور نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته ايران ڪنهن به دٻاءُ جي ۽ ڪارروائي جي خلاف مزاحمت ڪندو، ايراني رڳو عزت جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، هرمز لنگهه ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جو ذميوار ايران ناهي، ايران ڪڏهن به جنگ شروع ناهي ڪئي ۽ رڳو پنهنجي دفاع ۾ قدم کنيا آهن، آمريڪا 40 ڏينهن جي جنگ بعد پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، مايوس ٿي ٻيهر ڳالهيون شروع ڪيون، ايران جي ڪنهن به مسئلي جو حل عسڪري طريقي سان ممڪن ناهي.وطن جي دفاع لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون.عراقچي چيو ته آبنائي هرمز سمورن جهازن لاءِ کليل آهي، ايراني فوج سان سهڪار ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف ايران جي آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته رت جي آخري ڦڙي تائين ايران جي سلامتي ۽ آزادي جو دفاع ڪنداسين، ايمان جي طاقت ئي آهي جيڪا هڪ ايف-5 جنگي جهازن کي آمريڪي فوجن جي ڪويت ۾ موجود اڏن جي مٿان گهرائي تائين پهچائي سگهي ٿي، ان جي باوجود ته انهن وٽ جديد زميني ۽ فضائي دفاعي نظام موجود آهن. ميجر جنرل امير حاتمي چيو ته ملڪ جون هٿياربند فوجون پنهنجي سموري قوت سان ايران جي علائقائي سالميت ۽ آزادي جو ڀرپور دفاع ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران جي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته اسان ان پاڪ مشن کي پنهنجي سموري توانائي ۽ وسيلن سان، رت جي آخري ڦڙي تائين ۽ انشاءَ الله مڪمل فتح تائين جاري رکنداسين.