ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رهي ته نار ۽ عمان سمنڊ ۾ واپار جي اجازت نه ڏينداسين: ايران

ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رهي ته نار ۽ عمان سمنڊ ۾ واپار جي اجازت نه ڏينداسين: ايران

تهران (م ڊ) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رکي ته خطي ۾ شپنگ کي سخت خطرو ٿي سگهي ٿو. ايران جي خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊر علي عبداللهي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني واپاري جهازن ۽ تيل ٽينڪرن لاءِ عدم تحفظ پيدا ڪرڻ جاري رکيو ته اها جنگ بندي جي خلاف ورزي جي شروعات ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورت ۾ ايراني هٿياربند فوجون ايراني نار، عمان سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڪنهن به اچ وڃ کي جاري رکڻ جي اجازت نه ڏينديون. ايراني فوج چيو آهي ته ملڪي سلامتي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ نوان قدم به کنيا پيا وڃن. ايراني ڪمانڊ جي ترجمان موجب اهڙا تيل بردار يا بحري جهاز جيڪي ايران جي دشمن ملڪن سان واسطو رکن ٿا، انهن کي هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هرمز مان گذرندڙ سڀني جهازن کي ايراني اختيارين سان رابطو ۽ هم آهنگي ڪرڻي پوندي ته جيئن سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. ايراني فوج چيو آهي ته هرمز ۾ ايراني بحري جهازن خلاف آمريڪي ناڪابندي جاري رهي ته نار، عمان سمنڊ ۾ درآمدن ۽ برآمدن جي اجازت نه ڏينداسين.