ايراني جهاز تي قبضي تي ڳڻتي، جامع جنگبندي ڪري هرمز کوليو وڃي: چين

ايراني جهاز تي قبضي تي ڳڻتي، جامع جنگبندي ڪري هرمز کوليو وڃي: چين

بيجنگ (م ڊ) چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته هرمز کاڙي ذريعي عام شپنگ ٽرئفڪ جاري رهڻ گهرجي.  ايران جي واپاري جهاز کي روڪڻ تي ڳڻتي آهي. چيني نيوز ايجنسي مطابق صدر شي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي شي جن پنگ چيو ته چين فوري ۽ جامع جنگ بندي ۽ فوجي ڪارروائين جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ امن بحال ڪرڻ جي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. چيني صدر جو چوڻ آهي ته هرمز کاڙي ذريعي عام شپنگ ٽرئفڪ علائقي جي ملڪن ۽ عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي. ٻئي طرف ايران جو ڪارگو جهاز قبضي ۾ وٺڻ تي چيني پرڏيهي ترجمان ردعمل ۾ چيو آهي ته تجارتي جهاز کي زبردستي روڪڻ تي ڳڻتي آهي. آمريڪا ايران ڳالهين جي موجوده صورتحال نازڪ مرحلي تي آهي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ چين تعميري ڪردار ادا ڪندو. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون جنگبندي معاهدي جي پاسداري لاءِ ذميواراڻي انداز ۾ ڪم ڪنديون.