ايراني حملا: اسرائيل ۾ سخت سينسرشپ، نقصان ڏيکارڻ تي پابندي

ايراني حملا: اسرائيل ۾ سخت سينسرشپ، نقصان ڏيکارڻ تي پابندي

تل ابيب (م ڊ) ايران کي جنگ ۾ وڏي پئماني تي نقصان رسائڻ جي دعويدار اسرائيل ايران جي ميزائل حملن جي ڪري ٿيندڙ نقصان بابت معلومات جاري ڪرڻ تي سخت فوجي سينسرشپ لاڳو ڪري ڇڏي آھي جنھن ڪري درست معلومات نھ پئي فراھم ڪئي وڃي خاص طور تي فوجي نقصانن جا تفصيل شايع ڪرڻ جي اجازت نھ پئي ڏني وڃي. خاص طور تي حزب الله جي ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل جي ڪري ٿيندڙ نقصان بابت ڪا خبر نھ پئي شايع ڪرڻ ڏني وڃي. اهي نوان ميزائلن اسرائيل ۾ خطري جون گھنٽيون وڄڻ جو سبب بڻجي رھيا آھن جنھن سان جاني ۽ مالي نقصان بھ وڌيڪ ٿي رھيو آھي. الجزيرھ جي رپورٽ موجب اسرائيل ايران کان ايندڙ ميزائل حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ انٽرسيپٽر ميزائل ۽ وڌيڪ گولا بارود حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.