ايراني حملا سالميت جي ڀڃڪڙي: خاموش نه ويهنداسين: سعودي عرب

ايراني حملا سالميت جي ڀڃڪڙي: خاموش نه ويهنداسين: سعودي عرب

جنيوا (م ڊ) گڏيل قومن ۾ سعودي نمائندي عبدالمحسن ماجد بن خوتيلا جو چوڻ آهي ته ايراني حملا رياستي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سخت خلاف ورزي آهن. انھن تي خاموش نھ ٿو ويھي سگھجي. اسان ايران جي سعودي عرب ۽ نار جي ٻين ملڪن تي حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو تھ هي اهڙيون رياستون آهن جيڪي ايران سان موجوده تڪرار ۾ ڌر نه آهن انھن تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آھن. ھن چيو تھ پاڙيسري کي نشانو بڻائڻ سٺي پاڙيسري لاڳاپن جي اصولن جي خلاف ورزي آهي. هڪ ٽياڪڙ کي نشانو بڻائڻ امن ڪوششن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪنهن به تعميري شروعات کي نقصان پهچائي ٿو. ھن چيو تھ انهن رياستن کي نشانو بڻائڻ جيڪي جنگ ۾ ڌر نه آهن ناقابل قبول ۽ غير منصفاڻو عمل آهي جنھن کي خاموشي سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.