ايراني حملن بعد آمريڪا ڀڄي ويو، ڪويت ۾ فوجي اڏو خالي

ايراني حملن بعد آمريڪا ڀڄي ويو، ڪويت ۾ فوجي اڏو خالي

واشنگٽن (م ڊ) ايران جي حملي کان پوءِ، آمريڪي فوج ڪويت ۾ مکيه بيس خالي ڪري ڇڏيو سي بي ايس نيوز دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملي کان پوءِ آمريڪي فوج ڪويت ۾ مکيه فوجي بيس ڪيمپ بيورنگ کي خالي ڪري ڇڏيو آهي. جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾، آمريڪي سپاهين تي سخت ايراني حملا ٿيا جنهن بيس کي به نقصان پهچايو ۽ اتي جي صورتحال تمام خراب ٿي وئي هئي. هڪ آمريڪي سپاهي صورتحال کي تمام خراب قرار ڏنو ۽ چيو ته ايراني حملو سخت هو ۽ سپاهين وٽ بيس ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي سپاهين وٽ دفاع لاءِ گولا بارود تمام گهٽ هو، جڏهن ته انهن وٽ پيٽرياٽ ميزائلن سميت ٻين فوجي سامان جي به کوٽ هئي. سي بي ايس نيوز مطابق جنگ کان اڳ ڪيمپ بيورنگ ۾ لڳ ڀڳ 7,000 آمريڪي فوجي هئا، پر حملن کان پوءِ صرف 100 بچيا آهن.