| ايراني حملن بعد اسرائيل ۾ لڏ پلاڻ شروع |
تل ابيب (م ڊ) ايران جي حملن بعد اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ لڏپلاڻ ٿي رهي آهي ۽ 2700 کان وڌيڪ ماڻهو علائقو ڇڏي ويا آهن سرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل جي ڀلائي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت چيو آهي ته ايراني حملن جي ڪري پنهنجا گهر خالي ڪرڻ تي مجبور ٿيندڙ 2,700 کان وڌيڪ ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي. لڳ ڀڳ 1,000 رهواسين ڏاکڻن شهرن عراد ۽ ڊيمونا کي خالي ڪيو آهي.