ايراني حملن سان آمريڪا سان دفاعي سهڪار وڌندو: امارات

ايراني حملن سان آمريڪا سان دفاعي سهڪار وڌندو: امارات

ابوظھبي (م ڊ) عرب امارات جي صدارتي صلاحڪار انور گرگاش چيو آھي ته جنگ جي ڪنهن به حل ۾ هرمز کاڙي کي کولڻ ۽ اتان جھازن جي اچ وڃ جي ضمانت ملڻ گهرجي ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ اهڙو معاهدو جيڪو ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ ان جي ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿئي اهو وڌيڪ خطرناڪ ھوندو ۽ وچ اوڀر کي وڌيڪ غيرمستحڪم بڻائڻ جو سبب بڻجندو. اسان جو ملڪ جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، پر اهڙو خاتمو نٿو چاهي جيڪو مستقبل ۾ علائقي ۾ مسلسل عدم استحڪام پيدا ڪري. انور گرگاش چيو ته ايران جي موجوده حڪمت عملي جو نتيجو اهو ٿيندو ته نار جا ملڪ سيڪورٽي لاءِ آمريڪا سان وڌيڪ ڳنڍجي ويندا ۽ علائقي ۾ اسرائيلي اثر به وڌي سگهي ٿو. يو اي اي آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا “وڌيڪ مضبوط” ڪندو. هرمز کي ڪنهن به هڪ ملڪ جي آسري تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. يو اي اي پاڻ ڪنهن به بحري فوج کي هرمز ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر آمريڪا يا عالمي ڪوشش جو حصو هوندو.