| ايراني حملن ۾ ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي: عرب امارات |
ابوظھبي(م ڊ) عرب امارات ايران جي حملن جي نتيجي پھتل جاني ۽ مالي نقصان جو معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي. يو اي اي جي صدر جي سفارتي صلاحڪار انور گرگش جو چوڻ آهي ته جنگ ۽ حملن جو سياسي حل ڪڍڻ لاءِ نار جي رياستن تي ايراني حملن جي ڪري پھتل نقصان جو معاوضو شامل هجڻ گهرجي، جنھن ۾ عام شھرين جو معاوضو بھ شامل آھي. جڏھن تھ اھا بھ واضح ضمانت ملڻ گھرجي تھ حملا ٻيھر نھ ڪيا ويندا.