ايراني حملي ڀڀڙ ڀڙڪائي ڇڏيو: لاڳاپا ختم: سفير کي نيڪالي، تهران مان عملو واپس، ڀرپور جواب ڏئي سگھون ٿا: پاڪستان
جنوري 18, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ايراني حدن مان حملي بعد پاڪستان ۽ ايران وچ ۾تڪرار تيز ٿي ويو آهي. پاڪستان سخت رد عمل ڏيندي ايران مان پنهنجو سفير واپس گھرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان تي ايراني حملي تي پاڪستان اسلام آباد ۾ ايراني سفير کي واپس وڃڻ جو چيو آهي. هن چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ايران جو اهو قدم يو اين چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، اهو غير قانوني عمل مڪمل طور تي قبولڻ جوڳو ناهي. سندس چوڻ هو ته ايران جي ان قدم جو ڪو جواز ناهي، پاڪستان اهڙن غير قانوني قدمن جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، نتيجن جي ذميواري مڪمل طور ايران تي لاڳو هوندي، اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني حڪومت کي پاڪستاني سفير واپس گهرائڻ کان آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان لاءِ ايراني سفير جيڪو هن وقت تهران ۾ موجود آهي، ان کي ايران مان في الحال واپس اچڻ جو چيو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران سان سمورن اعليٰ سطحي دورن کي به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري يا طئي ٿيل دورا به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن بلوچستان حملي کانپوءِ ايران ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ اهم رابطو ٿيو آهي. پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهين وزيرن گفتگو دوران گڏيل لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. گفتگو دوران ايراني پرڏيهي وزير چيو ته جيش العدل هڪ ايراني دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي لاءِ خطري جو سبب آهي. هن چيو ته ان دهشتگرد تنظيم پاڪستاني سرحد جي اندران ڪيترائي ڀيرا ايران خلاف دهشتگرد قدم کنيا ۽ دهشتگرد حملن جي ذميواري به قبول ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ايراني حملن ۾ ڪنهن پاڪستاني شهري کي نشانو نه بڻايو ويو پر هدف ايراني دهشتگرد تنظيم جا ميمبر هئا. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ۽ ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ۾ سلامتي ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل لاڳاپن ۽ سهڪار تي زور ڏنو ويندو آهي. ان موقعي تي پاڪستاني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ايران جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي آهي، جيڪڏهن پاڪستان مان ايران لاءِ ڪو خطرو محسوس ٿيو ته پاڪستان حڪومت ان خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ايران دهشتگرد تنظيمن بابت ڄاڻ پاڪستان حوالي ڪري ته جيئن پاڪستان ڪارروائي ڪري سگهي، اميد آهي ته دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان بلوچستان جي اڳرائي جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جي پارلياماني معاملن بابت نائب صدر سيد محمد حسيني چيو آهي ته پاڪستان کي خبردار ڪيو هو اهڙن ماڻهن کي ايران اچڻ کان روڪي جيڪي هتي وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ماري ڇڏين ٿا. گذريل ڏينهن ايراني سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا. ايراني سرڪاري ٽي وي جي خبر ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جيش العدل نالي تنظيم جي ٻن ٿاڪن تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت موجب ايراني حملي جي نتيجي ۾ 2 معصوم بار مارجي ۽ ٽي ٻارڙيون زخمي ٿيون هيون. ايران جي بچاءَ واري وزير محمد رضا اشتياني جو چوڻ هو ته ايران پنهنجي سلامتي لاءِ ڪا به حد مقرر نه ڪندو. هن چيو ته اسان دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي قدم تي ردعمل جو حق رکون ٿا جيڪو اسان جي ماڻهن جي حقن جي پاماليءَ جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته تهران سڀني ملڪن جي علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، ملڪ جي قومي مفادن جي دفاع ۾ ڪا پابندي ناهي. هن چيو ته ايران سڀني ملڪن، خاص طور پاڙيسرين جي حقن، مفادن ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو پر پنهنجي سرحدن ۾ ڪنهن قسم جي شرارت کي قبول نه ڪندو. سندس چوڻ هو اسان کي ڪو فرق نٿو پئي ته ڪير ڌمڪيون ٿو ڏئي، اسان ردعمل ضرور ڏينداسين ۽ اهو مناسب، سخت ۽ فيصلائتو هوندو. ٻئي پاسي ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان چيو آهي ته پاڪستان سان دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ايراني دهشتگرد تنظيم کي هدف بڻايو آهي.
ڊيوس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪنهن شهري کي نشانو ناهي بڻايو پر حملن جو هدف دهشتگرد تنظيم جيش العدل هئي، جيڪا ايراني دهشتگرد تنظيم آهي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ تخريبڪاري ۾ ملوث آهي.
هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني اختيارين سان واقعن بابت گفتگو ڪئي آهي، جن ۾ ايراني سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، اسان پاڪستاني سرزمين تي ايراني دهشتگردن کي نشانو بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران پاڪستان جي خود مختياري ۽ سلامتي جو احترام ڪري ٿو، دهشتگرد گروهه ڪٿي به هجي، ان لاءِ ڪنهن به قسم جي رعايت ناهي، اسان جا قدم ايران، پاڪستان ۽ عراق جي سلامتي جي مفاد ۾ آهن.