| ايراني حڪومت جي حمايت ۾ لکين ماڻهن جا مظاهرا |
تهران: ايران ۾ حڪومت جي حمايت ۾ به لکين ماڻهو رستن تي اچي ويا. ايراني سرڪاري نيوز چينل پريس ٽي وي مطابق ايراني پرڏيهي حمايت يافته هٿياربند فسادن جي مذمت ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهو ملڪ جي روڊن تي نڪري آيا آهن. پريس ٽي وي پنهنجي ٽيليگرام چينل تي تصويرون پڻ پوسٽ ڪيون، جن ۾ چيو ويو آهي ته زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن انهن ريلين ۾ شرڪت ڪئي.