ايراني راڄڌاني تهران ۾ پاڻي بحران، شهر خالي ڪرائڻ جو خطرو

ايراني راڄڌاني تهران ۾ پاڻي بحران، شهر خالي ڪرائڻ جو خطرو

تهران(م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جلد مِينهن نه وسيو ته تهران ۾ سخت آبي بحران ايندو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر خالي ڪرائڻو پئجي سگهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر پزشڪيان چيو ته حڪومت هڪ ئي وقت معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي بحرانن سان منهن ڏئي رهي آهي. تهران کي پاڻي فراهم ڪندڙ مرڪزي ڊيم ۾ رڳو ٻن هفتن جو پاڻي بچيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن برسات نه ٿي ته ايندڙ مهيني تهران ۾ پاڻي جي فراهمي محدود ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن سوڪهڙو جاري رهيو ته اسان پاڻي کان محروم ٿي وينداسين ۽ شهر کي خالي ڪرائڻو پوندو.