اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال بعد ايراني صدر ابراهيم رئيسي وفد سوڌو 22 اپريل تي پاڪستاني دوري تي پهچندو
پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم پرڏيهي کاتي ۾ پاڪستاني اختيارين سان ملاقات ڪري ايراني صدر جي دوري بابت آگاهي ڏني
ملاقات ۾ ايراني صدر جي دوري ۽ امڪاني معاهدن تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون جڏهن ته ايراني سفير خطي جي صورتحال بابت پاڪستاني اختيارين کي بريفنگ ڏني