| ايراني عوام جي مظاهرن جي حمايت ۾ مختلف ملڪن ۾ احتجاج |
لنڊن (م ڊ) ايران ۾ احتجاج جي حميات ۾ دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهندڙ ايرانين به احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ ايرانين ايراني حڪومت خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرين حڪومت مخالف نعرا هنيا. ڪجهه مظاهرين جي هٿن ۾ انقلاب کان اڳ وارو ايراني جهنڊو به هو. ايرانين اسٽاڪ هوم، هيمبرگ، بڊاپسٽ، لنڊن ۽ نيو يارڪ سميت مختلف شهرن ۾ حڪومت مخالف ريليون ڪڌيون. ڊچ شهر دي هيگ ۾ پڻ ايراني مظاهرين سان يڪجهتي لاءِ هڪ وڏو اجتماع منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊچ پارليامينٽ جي ڪيترن ئي نمائندن هن احتجاجي مظاهري ۾ تقرير ڪئي ۽ ايراني مظاهرين جي حمايت جو اعلان ڪيو. آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪجهه مظاهرين رضا پهلوي جون تصويرون به کنيون.