ايراني قوم جنگ باوجود بي خوف، جمعي نماز لاءِ لکين ماڻهو گڏ: آمريڪي فوج آئي ته وڙهنداسين: عوام

تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي شروعات کان پوءِ ايران ۾ پهرئين جمعي جي نماز لاءِ گادي واري هنڌ تهران سميت مختلف شهرن ۾ لکين ماڻهو نڪري آيا، ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروهنوار سهڻي نموني هلي رهيو آهي، حڪومت انتظامي سرگرميون مرحليوار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته اسان آمريڪي فوج جي ايران ۾ داخل ٿيڻ جا منتظر آهيون ته جيئن اهي اچن ته انهن سان جنگ ڪريون. مليل اطلاعن موجب ايران ۾ حملن باوجود زندگي معمول تي اچي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ موڪل باوجود ڪاروباري سرگرميون به جاري آهن. علي خامنه اي جي شهادت بعد پهرئين جمعي تي لکين ماڻهو گڏ ٿيا. ايراني ميڊيا پاران شيئر ڪيل وڊيوز ۾ مرد ۽ عورتون ڪاري رنگ جا ڪپڙا پائي، ايراني جهنڊا کڻي، گادي واري هنڌ تهران ۾ امام خميني مسجد جي ٻاهران هڪ کليل علائقي ۾ گڏ ٿي جمعي جي نماز ادا ڪئي. جمعي جي نماز لائوڊ اسپيڪرن تي نشر ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت سيڪيورٽي هئي. ايران جي مختلف شهرن جي وڊيوز ۾ اهڙا ئي منظر ڏٺا ويا، جن ۾ مغربي تاريخي شهر ايلام ۽ بروجرد ۽ ڏکڻ اوڀر شهر زاهدان به شامل آهن. ٻئي طرف سينئر صحافي تهران مان ٻڌايو ته ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجن 21 اسپتالن، 41 شهري عمارتن، پوليس ٿاڻن، اسڪولن کي نشانو بڻايو آهي. آزادي، فردوسي اسڪوائر تي به بمباري ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته ايران جا ماڻهو چون ٿا ته آمريڪا جي زميني فوج جي اچڻ جا منتظر آهيون ته هو اچن ته انهن سان مقابلو ڪريون اسان تيار آهيون. ٻئي طرف ايران جي حڪومت ملڪ جي صورتحال کي ڏسڻ لاءِ آمريڪي ٽي وي  سي اين اين جي رپورٽر کي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايران ۾ زندگي معمول تي آهي، پيٽرول پمپن تي ماڻهن جي ڪا رش نه آهي ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو جنگ کان پريشان نه آهن. ڪجهه علائقن ۾ تازو دونهون اٿي رهيو آهي.   ايران اعلان ڪيو آهي ته هو بتدريج انتظامي سرگرميون بحال ڪندو، تهران صوبي ۾ قائم سڀئي وزارتون، تنظيمون ۽ ايگزيڪيوٽو ادارا آچر 8 مارچ کان پنهنجي 20 سيڪڙو ملازمن جي موجودگي سان ڪم ڪندا. اعلان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبي ۾ سڀئي عورت ملازم گهر کان ڪم ڪنديون. ڪجهه بينڪ کليل رهنديون. خدمت فراهم ڪندڙ ادارن، ميونسپلٽيز، طبي مرڪزن، ۽ فوجي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي ادارن جا آپريشنل يونٽ هن هدايت کان مستثنيٰ آهن.