| ايراني ميزائل حملن کانپوءِ اسرائيلي شهر رامات گان ۾ تباهي جا منظر |
تل ابيب: ايران جي اسرائيلي شهر رامات گان ۾ حملن کانپوءِ هر پاسي تباهي جا منظر آهن. برطانوي ميڊيا موجب، ميگن ڊيوڊ ادوم ايمبولينس سروس جو چوڻ آهي ته ڇنڇر ڏينهن ايراني حملن کانپوءِ وچ اسرائيل جي ڇهن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. تل ابيب جي اوڀر ۾ قائم شهر رامات گان ۾ ايراني ميزائل حملي کانپوءِ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ان کان اڳ اسرائيلي ڊفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) چيو هو ته هنن ايران مان فائر ڪيل ميزائلن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ عوام کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.