ايراني نيول چيف شهيد؟ اسرائيلي ڪمانڊ ڪنٽرول سينٽر تي حملو، آمريڪي جهاز نشانو، آمريڪا 2 ايراني اڳواڻ هٽ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيا

ايراني نيول چيف شهيد؟ اسرائيلي ڪمانڊ ڪنٽرول سينٽر تي حملو، آمريڪي جهاز نشانو، آمريڪا 2 ايراني اڳواڻ هٽ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيا

تهران/واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي جنگ جي 27هين ڏينهن تي ايران جو نيول چيف شهيد ٿي ويو، ايران آمريڪا جي هڪ وڌيڪ جنگي جهاز کي نشانو بڻايو. آمريڪا ۽ اسرائيل پاڪستان جي درخواست تي ايران جي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير کي عارضي طور هٽ لسٽ تان هٽائي ڇڏيو.  ايران اسرائيل جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر تي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي. مليل اطلاعن موجب ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا 27هين ڏينهن به جاري رهيا. اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪٽز چيو آھي ته اسرائيل پاسداران انقلاب جي بحري ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي نشانو بڻائي شھيد ڪيو آھي جيڪو هرمز کاڙي کي بلاڪ ڪرڻ جو سڌو ذميوار هو. هن وڌيڪ چيو ته ايراني بحريه جا ڪيترائي سينيئر اهلڪار به مارجي ويا آهن. ان جي آمريڪا به تصديق ڪئي آهي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته تنگسيري جو موت آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل سهڪار جو ثبوت آهي. ايران شهادت جي تصديق نه ڪئي آهي. ايران جي ڏکڻ خراسان صوبي ۾ برجند شهر جي ويجهو ڌماڪا ٻڌا ويا. ايران جي بوشھر ۾ واقع ايٽمي پلانٽ جي ڀرسان حملا ڪيا ويا جنھن جي روس سخت مذمت ڪئي آھي. روس جي پرڏيهي وزارت الزام لڳايو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جي ويجهو ٻيو حملو ڄاڻي واڻي ڪيو جيڪا ايٽمي تابڪاري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي. جنھن بعد روس پنھنجو عملو ڪڍي ورتو آھي. ايران جي صحت واري وزير نائب علي جعفريان ٻڌايو ته جنگ دوران گهٽ ۾ گهٽ 1,937 ماڻهو مارجي ويا آهن.  جن ۾ 240 عورتون ۽ 212 ٻار آھن. 24,800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن ۾ 4,000 عورتون ۽ 1,621 ٻار شامل آهن. اسرائيل ۽ آمريڪا جي خطي ۾ اڏن تي ايران جا حملا به جاري رهيا ايران جي پاسداران اسلامي انقلاب ڪورجو چوڻ آهي ته هن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف پنهنجي آپريشن جي 82ھين لهر ۾ ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪيا جنهن ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪمانڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ مردار سمنڊ جي ڏکڻ ۾ ان جي ايٽمي انفرااسٽرڪچر سان لاڳاپيل صنعتن کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيل بھ ان جي تصديق ڪئي اھو ايران جو اسرائيل تي پنجون حملو ھو.  پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب طرفان ٻنهي آمريڪي ويڙهاڪ جهازن کي نشانو بڻائڻ جي وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي. ان کان اڳ آمريڪي ويڙهاڪ جهاز ايف 35 کي به نشانو بڻايو ويو هو ۽ آمريڪي ميڊيا ايران جنگ ۾ آمريڪا جي گهٽ ۾ گهٽ 16 جهازن کي نقصان پهچڻ جي خبر به هلائي چڪي آهي. ايراني ميزائل جا ٽڪرا ڪرڻ سبب وچ اسرائيل جي ڪفار قاسم علائقي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا. جڏھن تھ تل ابيب ۽ شيرون ۾ گھٽ ۾ گھٽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي ۽ گاڏين کي باھھ لڳي آھي. عرب امارات تي ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ نقصان وڌيو آھي. ابو ظهبي ۾ ايراني ميزائل ڪرڻ سبب سويجان ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا 3 زخمي ٿيا ۽ ڪارن کي نقصان پهتو. مارجي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني ۽ هڪ ڀارتي شهري شامل آهن. لبنان تي اسرائيل جا نوان حملا ٿيا آهن. ڏکڻ لبنان ۾ نباطيه جي عرب سليم علائقي ۾ اسرائيلي حملي ۾ 8 ماڻهو زخمي ٿيا. اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ زميني ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي جتي حزب الله 7 اسرائيلي ٽينڪن کي نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج هڪ سپاهي جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آھي. اسرائيلي فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته لبنان ۾ حزب الله جي 2,000 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 700 جنگجو مارجي ويا آهن، جن ۾ سوين اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي اشرافيه رضوان فورس جا ميمبر آهن. ٻئي طرف آمريڪا ۽ اسرائيل پاڪستان جي مطالبي جي 2 ايراني اڳواڻن کي عارضي طور هِٽ لسٽ مان هٽائي ڇڏيو. وال اسٽريٽ جرنل موجب آمريڪي اهلڪارن ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل امڪاني امن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ٻن سينيئر ايراني عهديدارن کي عارضي طور هدف واري فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جا نالا 4 کان 5 ڏينهن لاءِ هِٽ لسٽ مان هٽايا ويا آهن. اِهو قدم ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهين جي رستو ڪڍڻ جي تناظر ۾ کنيو ويو آهي. وال اسٽريٽ جرنل موجب ترڪي، پاڪستان ۽ مصر جا ٽياڪڙ آمريڪا ۽ ايران کي ترت ڳالهين لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن جنگبندي ٿي سگهي ۽ پوءِ ڳالهيون ممڪن بڻجن. ان ڏس ۾ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي شرطن ۾ وڏن اختلافن سبب ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ آهن.
 

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران ۾ اڻ سڌيون ڳالهيون جاري آهن، ايران سرڪاري طور تي اڃا آمريڪا جي 15 نقطن جو جواب ناهي ڏنو آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ايران تمام بي صبري سان معاهدو چاهي ٿو پر ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو. ايراني وڙهڻ ۾ بيڪار پر ڳالهيون ڪرڻ جا ماهر آهن. ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته في الحال ايران مزاحمت جاري رکي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ خطاب ڪندي هن چيو ته ايراني قيادت ڊيل جو چوندي ته پنهنجي عوام جي هٿان مري ويندي، انهن کي اسان جي هٿان مرڻ جو به ڊپ آهي. ٽرمپ چيو ته دنيا ۾ 8 جنگيون روڪيون، هڪ ٻي جنگ به کٽي رهيا آهيون. آمريڪي صدر چيو ته ايران جي سامونڊي ۽ هوائي فوج کي ختم ڪري ڇڏيو آهي پر ڪوڙيون خبرون ڏسو ته لڳي ٿو اسان جنگ هاري رهيا آهيون. صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران عسڪري طور تباهه ٿي چڪو آهي اهي آمريڪا سان معاهدي لاءِ خيرات گهري رهيا آهن، ايراني فوج مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي ۽ انهن وٽ واپسي جو ڪو امڪان ناهي، ان باوجود هو عوام کي ٻڌائي رهيا آهن ته هو رڳو اسان جي تجويز تي غور ڪري رهيا آهن… ڪوڙا. بهتر آهي ته هو جلدي سنجيده ٿي وڃن، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي. هڪ ڀيرو دير ٿي وئي ته ٻيهر موقعو نه ملندو. ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر نيٽو ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي ايران جنگ ۾ انهن جي مدد نه کَپي، نيٽو ملڪن ايران جهڙي چرئي ملڪ خلاف مدد لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، جيڪو هاڻي عسڪري طور ختم ٿي چڪو آهي، آمريڪا کي نيٽو کان ڪا شيءِ نه گهرجي پر هن اهم وقت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدارتي سفير اسٽيو وِٽڪوف جو چوڻ آهي ته آمريڪا امن معاهدي لاءِ 15 نقطن تي ٻڌل منصوبو تيار ڪيو آهي، جيڪو پاڪستاني حڪومت ذريعي ايران تائين پهچايو ويو آهي جيڪو ٽياڪڙ طور ڪم ڪري رهيو آهي. هي هڪ حساس سفارتي معاملو آهي جنهن کي راز ۾ رکيو ويو آهي. معاهدي جو سٺو موقعو آهي ۽ جيڪڏهن اهو ٿئي ٿو ته اهو ايران، خطي ۽ حقيقت ۾ سڄي دنيا لاءِ سٺو هوندو. اسين ڏسنداسين ته شيون ڪٿي وڃن ٿيون ۽ ڇا اسان ايران کي قائل ڪري سگهون ٿا ته هي هڪ فيصلو ڪندڙ موڙ آهي جتي انهن وٽ وڌيڪ تباهي ۽ موت کان بهتر ڪو متبادل ناهي. اسان وٽ مضبوط اشارا آهن ته اهو ممڪن آهي. هوڏانهن ايران سرڪاري طور تي اڃا پاڪستان وسيلي آمريڪا جي 15 نقطن جو جواب ناهي ڏنو. هڪ ايراني اهلڪار موجب تهران هن وقت آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ مشاورت جو عمل جاري آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا طرفان ڪجهه تجويزون ڏنيون ويون آهن ۽ ملڪ جي اعليٰ قيادت تائين پهچايون ويون آهن. هن وقت اسان جي پاليسي مزاحمت جاري رکڻ ۽ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ آهي. هن وقت اسان جو ڪو به ڳالهين جو ارادو ناهي، ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. آمريڪا پهرين ايران سان غيرمشروط طور هٿيار ڇڏڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو، هاڻي تبديل ٿيندڙ آمريڪي لهجو سندن شڪست جو اعتراف آهي. ايراني نيوز ايجنسي دعويٰ ڪئي آهي ته موجب 15 نقاطي تجويزن تي جواب ڏيڻ کانپوءِ ايران کي آمريڪا جي ورندي جو انتظار آهي،