| ايراني هيڪرن ايف بي آءِ سربراهه جي ايميل هيڪ ڪري ڇڏي |
واشنگٽن (م ڊ) ايراني هيڪرن آمريڪا جي سڀ کان طاقتور اداري ايف بي آءِ جي سربراهه ڪاش پٽيل جي ذاتي اي ميل تائين رسائي حاصل ڪري مواد چورائي ورتو. جنهن ۾ تصويرون ۽ دستاويز شامل آهن. سي اين اين جي رپورٽ موجب هيڪرز ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر بڻجڻ کان اڳ جون پٽيل جون تصويرون شايع ڪيون. چوري ٿيل اي ميلون 2011 کان 2022 تائين جون آهن ۽ انهن ۾ ذاتي، ڪاروباري ۽ سفري خط و ڪتابت شامل آهي. ايف بي آءِ هيڪنگ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪا به سرڪاري معلومات حاصل نه ڪئي وئي آهي. ايف بي آءِ هينڊالا هيڪ ٽيم جي نالي سان هيڪرن جي معلومات لاءِ 10 ملين ڊالر انعام مقرر ڪيو آهي. انصاف واري کاتي هيڪرز تي ايران جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي وزارت لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.