ايراني پرڏيهي وزير سپريم ليڊر جو خط پيوٽن کي پهچائي ڇڏيو
جُون 23, 2025
ماسڪو (پنهنجي ڊيسڪ) روسي صدر ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايراني پرڏيهي وزير پيوٽن کي سپريم ليڊر جو خط پهچايو.
خابرو ايجنسي موجب روسي صدر پيوٽن چيو ته ايران خلاف جارحيت بي بنياد آهي ۽ هو ايراني عوام جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
روسي صدر جو چوڻ آهي ته هي ملاقات موجوده صورتحال مان نڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي.
آمريڪا پاران ايران خلاف سڀ کان وڏي فوجي حملي کان پوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پنهنجي پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي سومر ڏينهن ماسڪو موڪليو ته جيئن روسي صدر ولاديمير پيوٽن کان وڌيڪ مدد گهري سگهجي. آمريڪي آپريشن مڊ نائيٽ هيمر 1979 جي ايراني انقلاب کانپوءِ سڀ کان وڏو آمريڪي آپريشن هو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيل پاران سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قتل ۽ ايراني حڪومت کي تبديل ڪرڻ بابت روس کي ڊپ آهي ته اهڙو قدم وچ اوڀر کي تباهي ۾ وڌيڪ ڌڪي سگهي ٿو.