| ايراني ڊرون آمريڪا لاءِ مٿي جو سور، روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف |
واشنگٽن: آمريڪي فوج اعتراف ڪيو آهي ته ايران جا ڊرون حملا خطرناڪ بڻجي رهيا آهن جن کي روڪڻ مسئلو آهي. ڪانگريس کي ان ڪيمرا بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايران جا ڊرون خطرو بڻجي ويا آهن جيڪي هيٺ اڏامن ٿا ۽ بيلسٽڪ ميزائلن جي ڀيٽ ۾ انهن کي نشانو بڻائڻ ڏکيو آهي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته ڊرون کي نه روڪي سگهجي.