| ايراني ڊيزل اسڪينڊل: سکر جي 2 ايس ايچ اوز سوڌو 5 معطل: 8 بيٽرن خلاف ڪارروائي حڪم |
ڪراچي/سکر (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ فاروق سومرو) آءِ جي سنڌ سکر ۾ ايراني ڊيزل، نان ڪسٽم پيڊ شين جي اسمگلنگ، آڪڙا پرچي ۽ جوا جي اڏن جي سرپرستي ۽ انهن کان منٿلي وٺڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو، ٻن ايس ايچ اوز سميت 5 اهلڪار معطل، 8 بيٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ طرفان ڊي آءِ جي سکر کي رٽائرڊ اهلڪار سميت 8 پرائيويٽ بيٽرن جي فهرست اماڻي انڪوائري ۽ ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو. فهرست ۾ رٽائرڊ اي ايس آءِ غلام ياسين ڪورائي، حارث، شفقت بلو، سني ڪورائي، تميذ ڪورائي، ظفر ڪورائي، آصف ڪورائي ۽ نثار بلو جا نالا شامل آهن. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اعتماد جوڳن ذريعن جي رپورٽ موجب اهي پرائيويٽ ماڻهو ايس ايچ او آباد ۽ ايس ايچ او سائيٽ سميت ٻين پوليس وارن لاءِ ايراني ڊيزل، نان ڪسٽم شين، آڪڙا پرچي جوا جي اڏن تان منٿلي وصول ڪن ٿا، سندن خلاف انڪوائري ۽ سخت ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سکر جي سائيٽ ۽ آباد ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت رينج جي 5 ڄڻن کي معطل ڪري بي ڪمپني پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. معطل ٿيلن ۾ ايس ايڇ او سائيٽ انسپيڪٽر عبدالرحمان ڌاريجو ۽ ايس ايڇ او آباد انسپيڪٽر ذوالفقار چاچڙ شامل آهن. اهڙي طرح پوليس لائين سکر مان سب انسپيڪٽر ڪاشف چنا، 15 مددگار سکر سپاهي رجب گهمرو ۽ گهوٽڪي ۾ ٽيڪنيڪل برانچ جي سپاهي خليل احمد کي معطل ڪيو ويو.