| ايران آبنائي هرمز جي انتظام لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪري ڇڏي |
تهران (م ڊ) ايران آبنائي هرمز جي انتظام لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪري ڇڏي، تهران حڪومت ان اهم واپاري آبي گذرگاهه تان گذرندڙ جهازن کان ٽيڪس اوڳاڙي جو ارادو رکي ٿي، ايران جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ايڪس اڪائونٽس پرشين گلف اسٽريٽ اٿارٽي نالي نئين اداري جي قيام بابت پوسٽ شيئر ڪئي ۽ چيو ته هي ادارو هرمز ۾ جاري آپريشنز ۽ تازي صورتحال بابت ريئل ٽائيم اپڊيٽس فراهم ڪندو. هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايراني ۽ عماني فني ٽيمن گذريل هفتي عمان ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي ٽيمن آبنائي هرمز ۾ محفوظ سامونڊي آمدرفت جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هرمز ميڪينزم لاءِ ايران عمان سميت سڀني لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جڏهن ته يو اي اي سميت خطي جي ڪنهن به ملڪ سان اسان جي ڪا به دشمني ناهي. هن چيو ته آمريڪا سمجهي چڪو آهي ته هو ڌمڪين ۽ اقتصادي دٻاءَ ذريعي ايران کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي.