28 فيبروري 2026ع تي جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران تي فوجي حملو ڪيو ته صدر ٽرمپ ان کي رڳو هڪ ننڍڙو “ايڪسڪرشن” سڏيندي دعويٰ ڪئي هئي ته اهو ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي ويندو. اصل منصوبو هڪ قسم جي “ڊيڪيپيٽيشن اسٽرائيڪ” واري حڪمت عملي تي ٻڌل هو، يعني ايران جي مٿئين قيادت کي ختم ڪري، حڪومتي نظام کي مفلوج بڻائي، عوام کي “رنگين انقلاب” ڏانهن ڌڪجي. اسرائيل جو اندازو هو ته هيءَ مهم وڌ ۾ وڌ ٻن هفتن ۾ پوري ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ تهران کي مجبوراً سمورا شرط قبول ڪرڻا پوندا.
28 آگسٽ 2026ع تي، هن جنگ کي ڇهه مهينا پورا ٿي چڪا آهن، پر نه جنگ ختم ٿي آهي، نه ايران هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، ۽ نه ئي دنيا کي ڪو مستقل امن نظر اچي رهيو آهي. ٻيهر ثابت ٿيو آهي ته جديد هٿيارن ۽ فوجي طاقت سان ڪنهن ملڪ کي عارضي طور تباهه ڪري سگهجي ٿو، پر ان جي سياسي ارادي، مزاحمتي جذبي ۽ عوامي مرضي کي ختم ڪرڻ ايترو آسان ناهي.
حملي جي پهرئين ڏينهن، يعني 28 فيبروري صبح جو، ايران جي سپريم ليڊر علي خامنہ اي کي ٻين ڪيترن ئي اعليٰ عملدارن سميت قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ 17 مارچ تي تهران جي ڀرسان هڪ حملي ۾ علي لاريجاني، پارليامينٽ جو اڳوڻو اسپيڪر، سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري، ايٽمي ڳالهه ٻولهه ڪار ۽ خامنہ اي جو ڊگهي عرصي وارو صلاحڪار، پڻ مارجي ويو. لاريجاني اهو ٿورن مان هڪ شخص هو، جيڪو سيڪيورٽي ادارن ۽ سفارتي کاتي وچ ۾ ڪڙيءَ جو ڪم ڏيندو هو، ۽ خامنه اي جي موت کان پوءِ ته هو عملي طور نظام جو مکيه ڪوآرڊينيٽر بڻجي چڪو هو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي خيال ۾ ان کي ماري، ايران جي فيصلا ڪندڙ ڍانچي کي آخري ڌڪ لڳائي سگهبو، پر رياست مفلوج نه ٿي.
قيادت جي جسماني خاتمي گهربل نتيجو نه ڏنو. نه ته چين آف ڪمانڊ ٽٽي، نه سيڪيورٽي ادارن بغاوت ڪئي، ۽ نه ئي ملڪ هٿيار ڦٽا ڪيا. اختيار جلد ئي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ ايراني پاسدارانِ انقلاب (آء آر جي سي) وچ ۾ ورهائجي ويو، ۽ آء آر جي سي اڳ کان به وڌيڪ طاقتور فوجي- سياسي مرڪز طور اڀري آيو. مٿين عملدارن جي موت ايران جي داخلي توازن کي بدلايو، پر نظام کي تباهه نه ڪري سگهيو. ان سان گڏوگڏ، معاشي مشڪلاتن ۽ مهانگائي خلاف عوامي شڪايتن جي باوجود، ايراني سماج ۽ اشرافيه گڏ ٿي ويا، ايتري قدر جو حڪومت جا ڪيترائي نقاد به سياسي تبديلي کي پرڏيهي حملن سان ڳنڍڻ کان انڪار ڪيو، ۽ متوقع اندروني بغاوت به نه ٿي سگهي.
ايران جي فوجي ۽ اقتصادي بنيادن کي بيشڪ وڏو زيان رسيو آهي. آمريڪي فوجي اهلڪارن جي مطابق، هنن ايران جا 161 بحري جهاز تباهه ڪيا ۽ ان جي فضائي دفاعي نظام جو 82 سيڪڙو غير فعال بڻايو، جنهن ڪري ايران جي فضائيه، جيڪا اڳ روزانو 100 اڏامون ڪندي هئي، هاڻ عملي طور بيهجي وئي آهي. بين الاقوامي رپورٽن مطابق ايران جي سيڪيورٽي فورسز جا هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، ۽ ملڪ جي ميزائل ذخيري جو تقريباً ٽيون حصو ئي مڪمل طور تباهه ثابت ٿي سگهيو آهي، باقي بابت اڃا يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.
اقتصادي محاذ تي صورتحال وڌيڪ سنگين آهي. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ايف-ڊي-ڊي جي اندازي مطابق جنگ جو مجموعي اقتصادي نقصان اٽڪل 144 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، يعني ايران جي جنگ کان اڳ واري مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو 40 سيڪڙو. آئي ايم ايف جي جولاءِ 2026ع واري اندازي مطابق ايران جي معيشت هن سال 5.4 سيڪڙو گهٽجڻ جو امڪان آهي، جيڪا 1988ع کان پوءِ سڀ کان وڏي گهٽتائي ٿيندي. کاڌي جي قيمتن ۾ سالياني بنيادن تي 128 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي، ۽ بيروزگاري پڻ ريڪارڊ سطح تي پهتي آهي. آمريڪي بحري ٻيڙي جي پابندي (بلاڪيڊ) سبب ايران جي تيل جي برآمدات، جيڪي اڳ ۾ ان جي جي-ڊي-پي جو تقريباً 11 سيڪڙو هيون، تباهه ٿي چڪيون آهن، جنهن ڪري ايران کي پنهنجي درآمدات ۾ تقريباً 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي پئجي رهي آهي.
بهرحال، هن سموري دٻاءُ جي باوجود ايران نه رڳو بچيو آهي، پر ان پنهنجي علائقائي حيثيت پڻ برقرار رکي آهي. سندس سڀ کان وڏو هٿيار، هرمز لنگھ تي ضابطو، اڃا تائين ان جي هٿ ۾ آهي. جنگ کان اڳ دنيا جي تقريباً 20 کان 25 سيڪڙو تيل ۽ مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) جي واپار جو گذرگاهه اهو لنگهه هو، جيڪو فيبروري کان وٺي عملي طور بند پيو آهي. پورٽ- واچ جي معلومات مطابق، جتي جنگ کان اڳ روزانو سراسري 73 جهاز اتان لنگهندا هئا، اتي 16 آگسٽ 2026ع تي رڳو هڪ ئي جهاز اتان گذريو. اهم ڳالهه اها آهي ته ايران کي سمنڊ تي مڪمل روايتي ضابطي جي ضرورت ئي ناهي، کيس رڳو لنگھ جي ڪجهه حصن کي سرنگون وڇائڻ، جهازن تي حملو ڪرڻ ۽ نقل و حرڪت جي خرچ وڌائڻ جي صلاحيت برقرار رکڻي آهي. ايران پنهنجي پارليامينٽ ذريعي هڪ نئون “فارسي نار آبنائي اٿارٽي” (پي-جي-ايس-اي) پڻ قائم ڪيو آهي، جيڪو هاڻ لنگهندڙ جهازن کان اجازت نامو ۽ فيس گهرندو آهي، ۽ نافرمان جهازن کي روڪڻ يا ضبط ڪرڻ جو اعلان ڪيو اٿس. نتيجي ۾، عام لنگهه بحال ڪرڻ هاڻ اهڙي ڳالهه ٻولهه جو موضوع بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ شرط تهران پاڻ مقرر ڪري رهيو آهي، آمريڪا ايران کان هي فائدو کسڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هاڻ الٽو کيس ھرمز مان لنگهه جا قاعدا ايران سان ڳالهائڻا پئجي رهيا آهن.
تهران وٽ علائقي اندر اتحادي قوتن جو سهارو پڻ اڃا موجود آهي. “محور مزاحمت” (ايڪسس آف رزسٽنس) کي نقصان ته پهتو آهي، پر اهو ختم نه ٿيو آهي. يمن جي انصار الله تحريڪ (حوثي)، حزب الله ۽ ٻيا ايران سان لاڳاپيل گروهه اڃا تائين ميزائلن ۽ ڊرونز سان ليس آهن. هن اونهاري ۾ حوثين عراقي ڌرين سان ملي حملن جو تال ميل ڪيو، جنهن ۾ سعودي تيل جي بنيادي ڍانچي خلاف حملا پڻ شامل هئا. حزب الله اڃا تائين عراق ۾ اسلامي مزاحمت جو سڀ کان طاقتور دستو آهي. نتيجي ۾ آمريڪا کي پرشين گلف کان وٺي بحيره احمر تائين ڦهليل اڏن، بندرگاهن ۽ سپلاءِ لائينن جي حفاظت ڪرڻي پئجي رهي آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل جا بنيادي مقصد، ايران جي مڪمل هار، حڪومت جي تبديلي، ۽ ايٽمي پروگرام جو خاتمو، ڇهن مهينن ۾ حاصل نه ٿي سگهيا آهن. ان جي بدران هاڻ مطالبا رڳو هرمز لنگھ جي کلڻ ۽ ايٽمي پروگرام تي ضابطي تائين محدود ٿي ويا آهن، جيڪو پاڻ ئي هن مهم جي ناڪامي جو ثبوت آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو تڪڙي فيصلي جي اميد رکندي، ان جي بدران پاڻ کي ئي ڦاسائي ڇڏيو، ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ کي به هڪ اهڙي جنگ ۾ ڇڪي کنيو، جنهن جو ڪو واضح نڪرڻ وارو رستو نظر نه ٿو اچي. جيڪا مهم ٻن هفتن ۾ پوري ٿيڻي هئي، سا هاڻ هڪ اڻ ختم ٿيندڙ ذميداري بڻجي وئي آهي. آمريڪي وزيرِ خارجه مارڪو روبيو خود اتحادي ملڪن کي ٻڌايو آهي ته هاڻ فوري طور نوان حملا ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي (30 آگسٽ تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ چڪريون ٿيون آھن)، ۽ آمريڪا وري اقتصادي دٻاءُ واري حڪمت عملي ڏانهن موٽي رهيو آهي.
هن جنگ جا اثر رڳو وچ اوڀر تائين محدود نه رهيا آهن. آمريڪا کي پنهنجا فوجي وسيلا، خاص ڪري ميزائل انٽرسيپٽرز ۽ جنگي جهاز، ٻين محاذن کان کڻي هيءَ جنگ هلائڻي پئي آهي. يوڪرين ڏانهن ويندڙ هٿيار ايران واري محاذ ڏانهن موڙيا ويا، جنهن ڪري يوڪرين جي صدر زيلينسڪي مطابق سندن ملڪ کي گهربل انٽرسيپٽر ميزائلن جو رڳو ڏهون حصو ميسر آهي، ۽ هي اونهارو 2022ع کان پوءِ يوڪريني عام شهرين لاءِ سڀ کان وڌيڪ موتمار ثابت ٿيو آهي. ساڳئي وقت، ڏکڻ ڪوريا سان گڏ ساليانيون فوجي مشقون گهٽايون ويون آهن، ۽ پئسفڪ خطي مان امريڪا جو واحد بحري جنگي جهاز (ايئر ڪرافٽ ڪيريئر) به هرمز ڏانهن موڪليو ويو آهي، جنهن ڪري ڏکڻ چين سمنڊ ۽ تائيوان جي علائقي ۾ آمريڪا جي موجودگي ڪمزور ٿي وئي آهي، جنهن جو فائدو سڌو سنئون چين کي ملي سگهي ٿو.
هن غلط اندازي جي قيمت آمريڪا اندر به وڌيڪ نمايان ٿي رهي آهي. آگسٽ ۾ آمريڪا جو قومي قرض پهريون ڀيرو 40 ٽريليئن ڊالرن کان مٿي هليو ويو، جڏهن ته سالياني قرض جي ادائيگي جو خرچ تقريباً 1 ٽريليئن ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. جنگ اڳ ۾ ئي ڏهاڪن ارب ڊالرن جو خرچ کڻي چڪي آهي ۽ تيل ۽ پيٽرول جي قيمتن کي مٿي ڪيو اٿس. آگسٽ ۾ ٿيل هڪ رائٽرز جي راءِ شماري (پول) موجب رڳو 33 سيڪڙو آمريڪن، صدر ٽرمپ جي ڪارڪردگيءَ کي پسند ڪن ٿا، جڏهن ته صرف 31 سيڪڙو ايران خلاف مهم جي حمايت ڪن ٿا. ريپبلڪن پارٽي جي حامين ۾ به حمايت مارچ جي 77 سيڪڙو کان گهٽجي 69 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. جنهن صدر آمريڪا جي “بي پڇاڻي جنگين” کي ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، ان لاءِ هي هڪ دردناڪ ڌڪ آهي.
ايران کي ميدان جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، واشنگٽن هاڻ دٻاءُ اقتصادي محاذ ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. آمريڪي وزير خزانا بيسنٽ پاران اعلان ڪيل “آپريشن اڪانامڪ پرائيا” هيٺ درجنين ڪمپنين، جهازن تي نيون پابنديون مڙهيون ويون آهن. پر ايران ڏهاڪن کان پابندين هيٺ رهي جيئڻ سکي چڪو آهي. سندس “شيڊو فليٽ”، وچولن ذريعي واپار، سامان جي ٻيهر رجسٽريشن جا طريقا، متحده عرب امارات ۽ ايشيا ذريعي واپاري رستا، ۽ سڀ کان اهم چين جي طلب، اهي سڀ عنصر “وڌ ۾ وڌ دٻاءُ” جي اثر کي گهٽائي رهيا آهن.
اهي پابنديون ايران جي اقتصادي حالت کي ضرور وڌيڪ خراب ڪنديون، پر انهن سان تهران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي. واشنگٽن اڃا تائين وڏين چيني ۽ اماراتي بينڪنگ ادارن کي سڌو نشانو بڻائڻ کان بچيو آهي، ڇو ته اهڙي وڏي ويڙھ پاڻ آمريڪا ۽ ان جي اهم اتحادين وچ ۾ لاڳاپن کي به نقصان پهچائي سگهي ٿي. ان جو مطلب اهو ناهي ته ايران جي معيشت پابندين کان بچيل آهي؛ اهي بيشڪ سنگين نقصان رسائي رهيون آهن. پر انهن کي مڙهڻ ۾ واشنگٽن جي اميد اها آهي ته ايران جا اهم ترين شراڪت دار پاڻمرادو تهران سان لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيندا. اها ئي وجهه آهي جو صدر ٽرمپ ذاتي طور ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن کي فون ڪري (جن جا نالا بيسنٽ پاڻ به ظاهر نه ڪيا) کين ايران سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جيڪا حقيقت ۾ آمريڪا جي گهٽجندڙ عالمي اثر و رسوخ جي علامت آهي.
آمريڪي سيڪيورٽي ضمانتن کان مايوسي خليجي ملڪن ۾ به وڌي رهي آهي. آمريڪي فوجي اڏن هن خطي کي جنگ کان بچائڻ بجاءِ، پنهنجي ميزبان ملڪن کي ئي ممڪن نشانو بڻائي ڇڏيو. رياض، دوحه ۽ ابوظهبي هاڻ اضافي سيڪيورٽي بندوبست ڳولي رهيا آهن، پنهنجي شراڪتن ۾ واڌ آڻي رهيا آهن، ۽ تهران سان ڳالهه ٻولهه پڻ جاري رکيل اٿن. آمريڪا جي موجودگي اڃا برقرار آهي، پر واشنگٽن جي اڪيلي سر علائقائي نظم سنڀالڻ جي صلاحيت تي اعتبار گهٽجي ويو آهي. آگسٽ جي شروعات ۾ ترڪيہ، سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل “مڪه معاهدو” هن تبديلي جي هڪ واضح مثال آهي. وچ اوڀر هاڻ گهڻ مرڪزيت (پوليسينٽرزم) واري دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ آمريڪا وٽ گهڻو ڪجهه ناهي.
عالمي معيشت تي پڻ هن جنگ جا اثر واضح آهن، جيتوڻيڪ اهي 1970ع واري تيل جي بحران جيترو شديد ثابت نه ٿيا آهن. آئي ايم ايف پنهنجي عالمي اقتصادي واڌاري جي اندازي کي ٻه ڀيرا گهٽايو آهي، جنوري ۾ 3.3 سيڪڙو کان هاڻ 3.0 سيڪڙو تائين. ان جي پويان اهم سبب اهو آهي ته اڄ جون معيشتون 1970ع واري مقابلي ۾ گهٽ توانائي تي دارومدار رکنديون آهن، ۽ ھٿرادو ذهانت (اي آء) جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي رونق سبب دنيا کي ڪجهه سهارو مليو آهي.
هن جنگ جو سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ پهلو اهو آهي ته ان ٻين عالمي معاملن (فليش پوائنٽس) کي به هٿي وٺرائي آهي. روس- يوڪرين جنگ، ڪورين پرائيويٽ ٻيٽي جو تڪرار، ۽ تائيوان- ڏکڻ چين سمنڊ جو مسئلو، انهن سڀني تي آمريڪا جي توجهه ورهائجي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جا حريف ملڪ هن صورتحال مان سبق پيا سکن ته آمريڪا بحران ۾ ڪيئن رد عمل ڏيکاري ٿو، ۽ اهو سبق اڳتي هلي پنهنجي منصوبابندي ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. روس کي به فائدو مليو آهي: آبنائي هرمز بند ٿيڻ سبب تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي ڪري آمريڪا کي مجبوراً روسي تيل تي ڪجهه پابنديون آسان ڪرڻيون پيون، جنهن سان روس کي وڌيڪ آمدني ملي ۽ ان جي يوڪرين خلاف جنگي مقصدن کي فنڊنگ ملي.
هن سموري صورتحال جو خلاصو اهو آهي ته جنگ صرف ٻن ڌرين، ايران ۽ آمريڪا- اسرائيل، تائين محدود نه رهي آهي، پر ان عالمي سلامتي جي سموري ڍانچي کي هڪ نئين طرح سان لوڏي ڇڏيو آهي، جنهن جا مڪمل نتيجا اڃا اچڻ باقي آهن.
مغربي تجزيه نگارن جو هڪ اهم نقطو اهو آهي ته فوجي طاقت ۽ سياسي مقصد وچ ۾ وڏو فرق موجود آهي. آمريڪا کي اهو مڪمل يقين آهي ته اهو ڪنهن به هدف کي تباهه ڪري سگهي ٿو، پر اها تباهه ڪاري سياسي نتيجن ۾ تبديل نه ٿي سگهي آهي. اسرائيل پنهنجي انٽيليجنس ۽ ٽيڪنالاجي واري برتري کي سياسي ڪاميابيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌ ۾ وڌ سمجهي ورتو. عمارتن ۽ اعليٰ عملدارن خلاف حملن هڪ اهڙو تاثر ڏنو ته ڄڻ ڪنهن رياست کي هڪ هڪ نشانو بڻائي ختم ڪري سگهجي ٿو. پر ايران 9 ڪروڙ آبادي وارو ملڪ آهي، جنهن وٽ بيوروڪريسي، طاقتور سيڪيورٽي ادارا ۽ دٻاءُ هيٺ رهڻ جو ڏهاڪن جو پختو تجربو موجود آهي.
جيترا ڀيرا آمريڪا ايران تي حملو ڪري پنهنجي “ڊيٽرنس” بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اوترا ئي ڀيرا ايران به جوابي وار ڪري پنهنجي مزاحمت ثابت ڪئي آهي. هي هڪ ائين گردش آهي، جنهن ۾ هر فوجي عمل ٻئي عمل کي جنم ڏئي رهيو آهي، پر بنيادي سياسي مسئلو، يعني ايران جي حڪومتي نظام، ان جي ايٽمي پاليسي ۽ علائقائي ڪردار، اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.
حقيقت اها آهي ته خارجي حملو ڪيترائي ڀيرا ان سياسي ڍانچي کي مضبوط ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن کي ڪمزور ڪرڻ گهربل هوندو آهي. ايران ۾ به سيڪيورٽي ادارن جو اثر وڌيو آهي، ۽ حڪومت مزاحمت کي قومي بقا جو مسئلو بڻائي عوام کي پنهنجي پاسي ڪيو آهي.
هن وقت تائين نه ڪا مستقل جنگبندي آهي، نه ڪو مستقل امن معاهدو. 17 آگسٽ تي مقرر ٿيل 60 ڏينهن جي مهلت به بغير ڪنهن حتمي فيصلي جي پوري ٿي وئي آهي، ۽ ايران آبنائي هرمز ۾ مڪمل جارحانه پاليسي اپنائڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي ته. آمريڪا هاڻ کليل جنگ کان هٽي “اقتصادي محاصري” ڏانهن رخ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ايران جي بينڪنگ نظام، تيل جي واپار ۽ عالمي واپاري لاڳاپن تي وڌيڪ پابنديون شامل آهن. ٽرمپ پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته هو “خاموشي سان” دٻاءُ وڌائي ايران کي ٻيهر ڳالهه ٻولهه واري ٽيبل تي آڻڻ چاهي ٿو.
پر ايران جي حڪمت عملي به واضح آهي، بچڻ ۽ سهڻ. جيستائين ايران جي حڪومت پنهنجي عوام ۾ مزاحمت جو بيانيو برقرار رکي سگهي ٿي ۽ هرمز لنگھ جي ذريعي دٻاءُ برقرار رکي سگهي ٿي، تيستائين هو هن جنگ کي وڌيڪ وقت تائين جاري رکي سگهي ٿو. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هي تڪرار ايترو جلد ختم ٿيڻ وارو ناهي، اهو رڳو نئين نموني ۾، يعني فوجي کان اقتصادي جنگ ڏانهن، منتقل ٿي رهيو آهي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هيءَ صرف ايران جي ئي آزمائش ناهي: آمريڪا لاءِ به سوال اهو آهي ته سندس عالمي هيبت ايتري ئي تيزيءَ سان بحال ٿي سگهي ٿي، جيتري تيزيءَ سان اها ڇهن مهينن جي هن جنگ ۾ گھٽجي وئي آهي.
ڇهن مهينن جي هن جنگ مان صاف ظاهر آهي ته جديد فوجي طاقت جون حدون آهن. آمريڪا- اسرائيل ايران جي قيادت کي ماري، ان جا هٿيار، بحري جهاز ۽ فضائي دفاع تباهه ڪري سگهيا، پر ان جي حڪومتي نظام، مزاحمتي ارادي ۽ علائقائي اثر کي ختم نه ڪري سگهيا. ايران کي وڏو معاشي ۽ انساني نقصان پهتو آهي، پر ان جي بدران ان پنهنجي علائقائي حيثيت، خاص ڪري هرمز لنگھ ۽ مزاحمتي اتحادين جي ذريعي، بچائي رکي آهي. ٻئي پاسي، آمريڪا جي عالمي حيثيت، ان جي فوجي وسيلن جو ذخيرو، ان جو داخلي عوامي اعتماد، ۽ ٻين علائقن ۾ ان جي ڀروسي کي نقصان پهتو آهي. دنيا جي معيشت ڪجهه حد تائين بچي وئي آهي، پر تيل جي قيمتن، عالمي واڌاري ۽ واپاري لاڳاپن تي ان جا اثر اڃا محسوس ٿي رهيا آهن. مستقبل ۾ اهو تڪرار فوجي بجاءِ وڌيڪ اقتصادي ميدان ۾ هلندو نظر اچي ٿو، پر ان جو حتمي حل، جيڪڏهن ٿيو ته، رڳو ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي مصالحت ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهندو، نه ڪي بمباري ذريعي. جيئن هن جنگ ثابت ڪيو آهي ته ايران کي سخت نقصان رسائڻ ممڪن آهي، پر کيس هٿيار ڦٽا ڪرائڻ ممڪن ناهي، ۽ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ڪيو آهي ته کيس جنگ شروع ڪرڻ، ان کي کٽڻ کان گهڻو سولو لڳي ٿو.