ايران-آمريڪا ايٽمي ڳالهين ۾ اڳڀرائي: ڳالهيون اڳتي وڌائڻ تي اتفاق، اهم معاهدو ٿي ويو

مَي 12, 2025

مسقط(م ڊ) ايران-آمريڪا ايٽمي ڳالهين ۾ اهم معاهدو ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب عمان جي گاديءَ واري شهر مسقط ۾ ايران  آمريڪا وچ ۾ ايٽمي ڳالهين جو چوٿون دور ختم ٿي ويو آهي.  ڳالهين جو چوٿون دور ختم ٿيڻ تي آمريڪي نمائندي ٻڌايو ته ايران سان ڳالهيون اڳتي وڌائڻ، فني پهلوئن تي ڪم جاري رکڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچيءَ چيو ته آمريڪا سان چوٿين دور ۾ مشڪل پر فائديمند ڳالهه ٻول ٿي  آهي. هن چيو ته اٽمي ڳالهين جي اڳئين دوربابت اعلان مشاورت کان پوءِ عمان ڪندو.  آمريڪا سان پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڳالهيون ٿيون. عباس عراقچيءَ وڌيڪ چيو ته  ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. عماني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران _ امريڪا ڳالهين ۾مفيد ۽ منفرد تجويزون شامل هيون.  ڳالهين ۾ شامل تجويزون معاهدي تائين پهچڻ جي گڏيل خواهش کي ظاهر ڪن ٿيون هن چيو ته ٻنهي ڌرين جي پنهنجي قيادت سان مشاورت بعد پنجون مرحول طئه ڪيو ويندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت