اسلام آباد/رياض/واشنگٽن/تهران (م ڊ) ايران حملا ڪري آمريڪا جا ايف 35 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن کي آمريڪا رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا جي حملن ۾ پاسداران انقلاب جا 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پاڪستان ۽ سعودي عرب رابطو ڪري حوثين سان ويڙهه تي ڳالهيون ڪيون. مليل اطلاعن موجب ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اردن جي الازرق فوجي بيس تي بيلسٽڪ ميزائل حملن دوران آمريڪا جا 3 ايف-35 جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا. ايران تي ٿيل حملن جي جواب ۾ الازرق بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ آمريڪا جا ٽي ايف-35 جهاز تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي آمريڪي فوجي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ مارجي ويا. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ٻارن جي قتل عام ڪندڙ فوج لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، آخري آمريڪي قابض جي نڪرڻ تائين سندن جدوجهد جاري رهندي.ايران ڪويت ۾ آمريڪي بيس تي جوابي حملي جي دعويٰ ڪئي. انقلابي گارڊز جي مطابق، ڪويت ۾ آمريڪي بيس تي ٻه ڊرون حملا ڪيا ويا، جن ۾ هڪ هينگر ۽ هڪ تيل جو ڊپو تباهه ٿي ويو. اردن جي هٿياربند فوج چيو آهي ته سندس هوائي بچاءَ واري نظام ايران مان فائر ڪيل پنج ميزائل اردن جي هوائي حدن اندر تباهه ڪري ڇڏيا. آمريڪي سينٽڪام ايران جي سرڪاري ميڊيا ۽ آئي آر جي سي جي ٽن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايراني حملي ۾ ڪو به آمريڪي ايف-35 يا ٻيو جهاز نقصان نه پهتو، ۽ سڀئي ايراني ميزائل ۽ ڊرون تباهه ٿي ويا يا انهن جي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ ناڪام ٿي ويا. ايران جي زنجان صوبي ۾ انقلابي گارڊ ڪور اعلان ڪيو ته خميس جي صبح آمريڪي ميزائل حملي ۾ ان جا ٽي اهلڪار مارجي ويا. تسنيم نيوز ايجنسي جي مطابق انقلابي گارڊ ڪور جي انصار المهدي ڪور پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ هڪ بيان ۾ مارجي ويلن جا نالا جاري ڪيا، هوڏانهن پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن بحيره احمر ۽ باب المندب جي تازي صورتحال تي پڻ بحث ڪيو ۽ خطي ۾ پيش رفت جو جائزو ورتو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اردن جي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اجلاس سڏائڻ جي تجويزجي آجيان ڪئي.. تجويز ڪيل اجلاس ۾ فلسطين، خاص طور تي اوڀر يروشلم جي سنگين صورتحال تي غور ڪيو ويندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام سان لاڳاپيل مسئلن تي صلاح مشورا جاري رکڻ ۽ رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.