ايران – آمريڪا جنگبنديءَ تي لامارا ڏيندڙ خطرا

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ، جيڪا خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ وڏي جنگي بحران جو امڪان بڻجي چڪي هئي، هاڻي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سان عارضي طور ٻن هفتن جي جنگبندي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. اها پيش رفت نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر پوري عالمي برادري لاءِ اطمينان جو موقعو بڻجي آهي. ايران پاران ان عرصي لاءِ آبناءِ هرمز کولڻ جو فيصلو پڻ هڪ اهم ۽ علامتي قدم آهي، جنهن عالمي واپار ۽ خاص طور تي تيل جي رسد تي مثبت اثر وڌو آهي. نتيجي طور تيل جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا عالمي معيشت لاءِ خوش آئند سگنل آهي.

جنگبنديءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن وڏيون طاقتون پاڻ سڌي يا اڻ سڌي طرح تڪرار جو حصو بڻجي وڃن ٿيون، پاڪستان جو وچٿرو ۽ متوازن سفارتي ڪردار امن جي اميد کي جيئرو رکڻ ۾ اهم ثابت ٿيو آهي. هي جنگبندي رڳو ٻن هفتن لاءِ آهي، پر ان جو اصل مقصد هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ آهي، جتي اعتماد سازي ممڪن بڻجي سگهي ۽ مستقل حل لاءِ ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن. سڀاڻي کان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ باقاعده ڳالهيون شروع ٿيڻيون آهن، جيڪي هن جنگبندي کي هڪ مستقل معاھدي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اهم قدم ٿي سگهن ٿيون. پر هتي اهم سوال اهو آهي ته ڇا هي عارضي ٺاپر هڪ جٽادار امن ۾ تبديل ٿي سگهندي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙيون جنگبنديون گهڻو ڪري عارضي هونديون آهن، خاص طور تي جڏهن ميدان تي حالتون مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه هجن. ان حوالي سان سڀ کان وڏي ڳڻتي اسرائيل جا لبنان تي جاري حملا آهن. آمريڪا واضح طور تي چئي چڪو آهي ته اسرائيل هن جنگبنديءَ جو حصو ناهي، جنهن صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ايران لاءِ، جيڪو لبنان ۾ پنهنجو اثر ۽ حمايت رکي ٿو، اسرائيلي ڪارروايون سخت اشتعال جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ايران ڪيئن چاھيندو ته انکي ڳالهين ۾ مصروف رکي ان جي اتحادين تي حملا ڪري انھن کي ڪمزور ڪيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ جنگبنديءَ جي باوجود تڪرار جي باهه ٻيهر ڀڙڪي سگهي ٿي.

ايران پاران پيش ڪيل ڏهن نڪتن واري فريم ورڪ ۾ هڪ اهم شرط اهو به شامل آهي ته لبنان سميت سڀني محاذن تي جنگ ۽ مسلح ڪارروايون بند ڪيون وڃن. هي نقطو رڳو ايران جي سفارتي حڪمت عملي جو حصو ناهي، پر ان کي اعتماد سازيءَ جو بنيادي جزو پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. هڪ طرف جنگبنديءَ جو اعلان ٿئي ۽ ٻي طرف ساڳئي وقت علائقائي محاذن تي حملا جاري رهن، ته پوءِ اعتماد سازي ڪيئن ممڪن بڻجي سگهندي؟

آمريڪا جو اھو موقف به عجيب آهي ته اسرائيل جنگبنديءَ ۾ شامل ناھي (ان ڪري ان کي حملا ڪرڻ جو حق آھي.) ائين ته ايران جا اتحادي آمريڪي اڏن/مفادن تي حملا ڪن ۽ ايران چوي ته اھي جنگبنديءَ ۾ شامل ناھن، ڇا آمريڪا ان موقف کي درست مڃيندو؟ هي سوال رڳو ايران لاءِ نه، پر عالمي برادري لاءِ به اهم آهي. ڇا عالمي طاقتون هڪ جامع امن لاءِ سنجيده آهن يا رڳو عارضي ٺاپر ذريعي وقت گذارڻ چاهين ٿيون؟ جيڪڏهن لبنان جهڙن حساس محاذن تي تشدد جاري رهيو، ته اهو نه رڳو جنگبنديءَ کي ڪمزور ڪندو پر ڳالهين جي عمل کي به متاثر ڪندو.

پاڪستان لاءِ به هي هڪ اهم امتحان آهي. هڪ طرف ان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو پيو وڃي، ته ٻي طرف ان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جنگبنديءَ جو هي مختصر عرصو حقيقي پيش رفت ۾ تبديل ٿي سگهي. پاڪستان کي عالمي سطح تي ٻين اهم ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن سڀني محاذن تي ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿئي.

ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنگبنديءَ کي صرف وقتي وقفو نه پر هڪ سنجيده موقعو سمجهيو وڃي. هي ٻن هفتن جو عرصو اعتماد جي بحالي، سفارتي رابطن جي مضبوطي ۽ تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. جي ائين نه ٿيو ته اهو خطرو موجود رهندو ته جنگ ٻيهر ڀڙڪي سگهي ٿي، جيڪا نه رڳو خطي پر پوري دنيا لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي. جنگبندي ڪنهن به تڪرار جو خاتمو نه هوندي آهي، پر اها هڪ دروازو ضرور کوليندي آهي – امن ڏانهن يا وري نئين تڪرار ڏانهن. هاڻي اهو آمريڪا، ايران ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين تي دارومدار رکي ٿو ته اهي هن موقعي کي ڪيئن استعمال ڪن ٿا. ايران جي ان اهم شرط، يعني سڀني محاذن تي جنگ جي خاتمي، کي نظرانداز ڪيو ويو، ته پوءِ اعتماد سازيءَ جون دعوائون سکڻن لفظن کان وڌيڪ ڪجهه به نه رهنديون.