ايران آمريڪا جنگبندي ختم: پاڪستان جي واڌ لاءِ درخواست: اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٻڏتر جو شڪار: آمريڪي سپورٽنگ اسٽاف جي آمد

ايران آمريڪا جنگبندي ختم: پاڪستان جي واڌ لاءِ درخواست: اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٻڏتر جو شڪار: آمريڪي سپورٽنگ اسٽاف جي آمد

اسلام آباد/واشنگٽن/تهران(بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران آمريڪا ڳالهين جي ٻئين دور لاءِ اسلام آباد ۾ تياريون مڪمل، وفدن جو انتظار، ايران آمريڪا جنگبندي اربع جي رات ختم ٿيندي، آمريڪي نائب صدر  جي ڊي وينس جي پاڪستان روانگي اڄ متوقع، آمريڪي ميڊيا موجب نائب صدر جي ڊي وينس اڱاري تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو. اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر به ساڻس گڏ هوندا، جڏهن ته آمريڪي سپورٽنگ اسٽاف اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويو آهي ٻئي پاسي تهران اڃا تائين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ ڪو وفد موڪليندو يا نه؟ هوڏانهن ايراني ميڊيا اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هڪ ايراني وفد اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.  آمريڪا ايران ڳالهين بابت وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ ايراني وفد جو باقاعده جواب اڃا تائين ناهي ملي سگهيو. ثالث طور پاڪستان مسلسل ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي معاملا اڳتي وڌائڻ جي حمايت ڪري رهيو آهي. جنگبندي 22 اپريل صبح 4:50 تي ختم ٿي رهي آهي. ٻن هفتن جي جنگبندي ختم ٿيڻ کان اڳ ايران جو ڳالهين ۾ شرڪت بابت فيصلو انتهائي اهم آهي. پاڪستان ايراني قيادت کي ڳالهين تي راضي ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون آهن پاڪستان جون اهي ڪوششون اڃا تائين جاري آهن. هوڏانهن  آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ ثالث پاڪستان، ٻنهي ڌرين کي جنگ بندي وڌائڻ تي غور ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پاڪستاني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪي چارج ڊي افيئر نيٽالي اي بيڪر  پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن “خطي جي موجوده صورتحال تي بحث ڪيو.” بيان موجب، اسحاق ڊار “پاڪستان جي مستقل موقف کي اجاگر ڪيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد قابل عمل طريقو آهي.” هن “آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ڌرين کي جنگ بندي وڌائڻ تي غور ڪرڻ ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هڪ موقعو ڏيڻ جي اپيل ڪئي.” اسحاق ڊار چيو ته خطي ۾ امن توڙي استحڪام لاءِ اثرائتو وسيلو ڳالهيون ۽ سفارتڪاري آهي، ڌُريون جنگبندي ۾ واڌ تي غور ڪندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي موقعو ڏين .پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب، بيڪر خطي ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ ڳالهين کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ مثبت ڪردار لاءِ آمريڪا جي تعريف جو اظهار ڪيو.