ايران آمريڪا جنگ ختم نه ٿي ته سڀني جو نقصان ٿيندو: پيوٽن

ايران آمريڪا جنگ ختم نه ٿي ته سڀني جو نقصان ٿيندو: پيوٽن

ماسڪو (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته اميد آهي ته ايران تڪرار جلد ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته سڀني ڌرين کي نقصان ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي پيوٽن چيو ته هي تمام پيچيده تڪرار آهي ۽ اهو اسان کي هڪ مشڪل صورتحال ۾ وجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جا ايران ۽ فارسي نار جي ملڪن سان دوستانه لاڳاپا آهن. ايران ۽ آمريڪا سان جاري رابطن جو حوالو ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪا به ڌر هن تڪرار کي جاري رکڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي.