ايران آمريڪا جنگ دوران 180 ارب کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول

ايران آمريڪا جنگ دوران 180 ارب کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا ايران جنگ دوران حڪومت 180 ارب رپين کان وڌيڪ پيٽروليم ليوي وصول ڪئي. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مڊ اپريل تائين 1,234 ارب رپيا ليوي وصولي ٿي. گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هن مالي سال مڊ اپريل تائين لڳ ڀڳ 400 ارب رپيا وڌيڪ آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق گذريل مهيني مارچ دوران مالي سال 25/2024 جي مارچ جي ڀيٽ ۾ 52 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا ويا، هلندڙ مالي سال جولاءِ ۾ 157 ارب رپيا، آگسٽ دوران 103 ارب رپيا ليوي گڏ ٿي. سيپٽمبر ۾ 112 ارب 85 ڪروڙ رپيا، آڪٽوبر ۾ 143 ارب 48 ڪروڙ رپيا ليوي گڏ ٿي. نومبر ۾ ليوي 148 ارب 36 ڪروڙ رپيا، ڊسمبر ۾ 162 ارب 46 ڪروڙ، جنوري ۾ 108 ارب 76 ڪروڙ، فيبروري ۾ 120 ارب 39 ڪروڙ، مارچ ۾ 139 ارب 48 ڪروڙ، اپريل ۾ هن وقت تائين 38 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. ذريعن مطابق جولاءِ کان مڊ اپريل تائين درآمدي پيٽرول ۽ ڊيزل تي 598 ارب رپين کان وڌيڪ گڏ ڪيا ويا، ڪروڊ آئل ۽ ريفائنڊ پراڊڪٽس مان جولاءِ کان مارچ دوران 635 ارب 19 ڪروڙ رپيا ليوي گڏ ڪئي وئي.