| ايران آمريڪا مرده باد کان آمريڪا زنده باد ٿي ويندو: رضا پهلوي |
واشنگٽن (م ڊ) ايران جي آخري شاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي چيو آهي ته ايران ۾ عبوري حڪومت جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ 47 سالن ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي وطن واپس اچڻ لاءِ بيتاب آهيان. ٽيڪساس ۾ ڪنزرويٽو پوليٽيڪل ايڪشن ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي رضا پهلوي چيو ته ايران آمريڪا مرده باد کان آمريڪا زنده باد ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن ايران آزاد ٿيندو ته آمريڪا وٽ هڪ بهترين دوست هوندو ۽ هرمز کي بند ڪرڻ ۽ بين الاقوامي برادري کي بليڪ ميل ڪرڻ جو تصور به نه ڪري سگهندو.