ايران آمريڪا ڳالهين جي امڪان سبب اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ هاءِ الرٽ: ٽرانسپورٽ معطل: ڪاروباري مرڪز بند: 18 هزار اهلڪار مقرر

ايران آمريڪا ڳالهين جي امڪان سبب اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ هاءِ الرٽ: ٽرانسپورٽ معطل: ڪاروباري مرڪز بند: 18 هزار اهلڪار مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايران آمريڪا ڳالهين کان اڳ  اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ هاءِ الرٽ جاري، ميٽرو بس سروس سميت سموري ٽرانسپورٽ معطل ڪئي وئي، ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا جڏهن ته 18 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي  مقرر ڪيو ويو. تفصيل موجب ايران آمريڪا ڳالهين جي ٻئين دور کان اڳ ئي ٻنهي جاڙن شهرن ۾ غيرمعمولي سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي، انتظاميا موجب سري نگر هاءِ وي تي به ٽريفڪ روڪي سگهجي ٿي، هيوي ٽريفڪ مالڪ تڪليف کان بچڻ لاءِ اسلام آباد جو سفر نه ڪن جڏهن ته شهرين کي متبادل ٽريفڪ پلان تي عمل ڪرڻ گهرجي.  ميٽرو بس سروس پمز اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندي، صدر کان فيض آباد مري روڊ ۽ ايڪسپريس وي ۽ پير وڌائي  تي واڌو ناڪا قائم ڪيا ويا آهن. پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن جا 18 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن  جن ۾ پنجاب مان آيل 7 هزار نفري به شامل آهي. ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسرن کي موبائل فون جي استعمال جي اجازت نه هوندي، سمورن اهلڪارن کي اينٽي رائٽ ڪٽس لازمي استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. سيڪيورٽي انتظامن ۾ اسلام آباد پوليس سان گڏ پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور کي به مقرر هوندا. جڏهن ته ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ گڏيل ناڪا به قائم ڪيا ويندا. ايئرپورٽ کان هوٽل تائين روٽ تائين اهم عمارتن تي رينجرز جا سنائپرز مقرر ڪيا ويندا. جڏهن ته گرين بيلٽس ۽ سروس روڊز کي مڪمل طور تي ڪليئر رکيو ويندو. هدايت ڏني وئي آهي ته روٽ جي دوران بنا سروس ڪارڊ جي ڪنهن به اهلڪار جي ڊيوٽي ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي انتظاميه موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ اڏا، گڊز ٽرانسپورٽ، پرائيويٽ رينٽ اي ڪار سروس به ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندي. جڏهن ته وي وي آءِ پي روٽس تي ايندڙ مارڪيٽون، گهٽيون، مري روڊ، فيض آباد، ڪمرشل مارڪيٽ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز به مخصوص وقت ۾ بند رکيا پيا وڃن. روٽ تي واقع شادي هالز کي به بند رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سيد خالد محمود همداڻي جي حڪمن تي راولپنڊي پوليس جا 10 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر آهن جڏهن ته 600 کان وڌيڪ خصوصي پڪٽس قائم ڪري شهر جي داخلا ۽ خارجي رستن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. ايليٽ فورس، ڊولفن فورس ۽ ٻئي ڪوئيڪ رسپانس يونٽس گشت تي مقرر آهن. جڏهن ته تربيت يافته سنائپرز ۽ ايليٽ ڪمانڊوز به حساس هنڌن تي مقرر ڪيا ويا آهن. سموري شهر ۾ سرچ، سويپ ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ تيزي آندي وئي آهي، شڪي ماڻهن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي.