ايران-اسرائيل جنگ بندي ۾ پاڪستان اثرائتو ڪردار ادا ڪيو
جُون 26, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايران- اسرائيل جنگ بندي ۾ تمام گهڻو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ مسلسل ايران جي حمايت ڪئي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بجيٽ تي تمام گهڻي محنت ڪئي وئي. بجيٽ ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ اتحادي پارٽين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. مان ان حوالي سان صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو به ٿورائتو آهيان.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران جي مضبوط ۽ مستقل مزاجي سان حمايت ڪئي آهي ۽ ايران صدر آصف زرداري، مون ۽ فيلڊ مارشل جو نالو وٺي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ايراني قوم وڏي همت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، ايران پنهنجي دفاع ۾ اسرائيل کي سخت جواب ڏنو ۽ ايران چيو ته جنگ باوقار انداز ۾ ختم ٿيندي. پاڪستان هن جنگ بندي ۾ تمام گهڻو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. مون سعودي ولي عهد ۽ ايراني صدر سان پڻ ڳالهايو. سعودي عرب جنگ بندي ۾ ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر سان ملاقات کانپوءِ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير استنبول ۾ ايراني پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات ڪئي.
هن چيو ته آمريڪي صدر فيلڊ مارشل جي کليل تعريف ڪئي ۽ صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو آهي.