ايران اڪيلو يزيدن سان جنگ وڙهي رهيو آهي: پيرپاڳارو

ايران اڪيلو يزيدن سان جنگ وڙهي رهيو آهي: پيرپاڳارو

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته ايران اڪيلي سر  يزيدن سان جنگ ٿو وڙهي، ڪوبه ملڪ هن جو ساٿ نه ٿو ڏئي، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ ايران ۾ ٻار ۽ عورتون شهيد ٿي ويون آهن، اهڙو خطاب حر جماعت جي روحاني پيشوا جي ڊي اي سربراهه پير صبغت الله شاهه المعروف پيرپاڳاري پيرڳوٺ ۾ عيدالفطر جي موقعي تي مريدن ۽ عقيدتمندن کي خطاب ڪندي ڪيو، پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته جماعت ۽ دوستن، واسطيدارن کي ڪافي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته هاڻ موسم تبديل ٿي چڪي آهي، زمين تي وڌيڪ ڀروسو نه ڪيو ڪهڙي به وقت برسات ٿي سگهي ٿي، هن ڀيري گرميون تمام وڌيڪ ٿينديون. هر ڀيري چوندو آهيان ته چوپايو مال وڌايو، روزگار جي باري، ڪاروبار جي باري ۾ جماعت کان پڇندو آهيان مال ڌاريو ان ۾ برڪت آهي، حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته هميشه نياڻين جي تعليم، تربيت تي سختي سان نظر رکو، ڇو ته اڳتي انهن ئي ڇوڪرين کي گهر هلائڻ سان گڏ اولاد کي وڏو ڪرڻو آهي، ٻارن کي تعليم ڏياريو،  جيڪڏهن تعليم ۾ ڪمزور آهي ته انهن کي هنر سيکاريو.