| ايران بحال اثاثن مان آمريڪا کان مڪئي، ڪڻڪ ۽ سويابين وٺندو: ٽرمپ |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن هرمز کاڙي مان هڪ ڪروڙ 90 لک بيرل تيل گذريو آهي. هڪ پوسٽ ۾ صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ۽ دنيا هاڻي هڪ محفوظ هنڌ آهي. ايران اعليٰ سطحي ايٽمي نگرانيءَ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ آبناءِ هرمز کليل رهندو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران جو هي قدم ايٽمي شفافيت کي يقيني بڻائيندو. جيڪڏهن ايران ان تي راضي نه ٿئي ها ته ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهن ها. هن دعويٰ ڪئي ته ايران طرفان وڏين رعايتن کانپوءِ آمريڪا هرمز کي کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وڌيڪ سامونڊي ناڪابندي نه ڪئي ويندي. آمريڪي صدر موجب آمريڪي سامونڊي جهاز پنهنجي پوزيشن تي موجود رهندا ته جيئن ضرورت پوڻ تي ناڪابندي ٻيهر لاڳو ڪري سگهجي جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ان جا امڪان گهٽ آهن. ٽرمپ موجب آمريڪي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل رقم هڪ اهڙي ايسڪرو اڪائونٽ ۾ رکي ويندي، جيڪو آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ هوندو. سندس چوڻ هو ته اها رقم رڳو خوراڪ ۽ طبي سامان جي خريداريءَ لاءِ استعمال ٿيندي ۽ اهي شيون خاص طور تي آمريڪا مان حاصل ڪيون وينديون، جن ۾ مڪئي، ڪڻڪ ۽ سويابين شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران کي انهن شين جي فوري ضرورت آهي ۽ اها هڪ انساني بحران جي صورتحال آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي فوري مدد ضروري آهي.